ملڪ جي صدر ۽ وزير اعظم طرفان قوم کي عيد جون واڌايون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان قوم کي عيد الاضحيٰ جون واڌايون پيش ڪندي چيو ته اعليٰ انساني مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرباني کان پوئتي نه هٽڻ ئي اسلامي تعليم آهي.

ملڪ جي صدر عارف علوي راڄڌاني اسلام آباد جي فيصل مسجد ۽ وزير اعظم پنهنجي گهر بني گالا ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي.

ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڄي اميت کي دلي واڌيون پيش ڪندي چيو ته الله تعاليٰ کي حضرت ابراهيم جي قرباني جو عمل ان قدر پسند آيو هو جو اڄ ان جي ياد ملهائڻ کي مسلمانن جي لاءِ عبادت جو درجو ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي سبق ڏيندو آهي ته الله جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ پنهنجي عزيز ترين شئي ايترو جو اولاد کي به قربان ڪرڻو پوي ته پوئتي نه هٽجي.

ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرباني جهڙي عظيم جذبي جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت ته هميشه رهي آهي پر موجوده دور ۾ ان جي اهميت وڌيڪ وڌي ويندي.

ملڪ جي صدر والاريل ڪشمير ڀارتي رياستي جبر ۽ تشدد کي برداشت ڪندر مظلوم ڪشميرين جي داد رسي ڪندي انهن کي ڀرپو ڀيٽا پيش ڪئي.

هن چيو ته اڄ اسان جي دل والاريل ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن سان گڏ ڌڙڪندي آهي جيڪي ڀارتي ظلم کي ڄمي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن جي آزادي جو ڏينهن پري ناهي، اسان جي شهيدن کي ڀيٽا جن اسان جي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪيون.

وزير اعظم عمران خان:

وزير اعظم عمران خان به قوم جي نالي پنهنجي خاص پيغام ۾ مقصد تهوار تي هم وطنن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اِهو ڏينهن مسلمانن کي رضاءِ الاهي جي لاءِ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي بي مثال اطاعت ۽ فرمانبرداري جي ياد ڏياريندو آهي.

هن چيو ته ٻه عظيم شخصيتن جي لازوال قرباني کي الله تعاليٰ ان حد تائين پسند ڪيو ۽ ساراهيو جو ان کي مسلمانن جي لاءِ تاحيات مذهبي فرض بڻائي ڇڏيو.

وزير اعظم عمران خان چيو ته قرباني جو جذبو ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضروري آهي، قرباني جي جذبي کان سواءِ دنيا جي ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ منهنجي دعا آهي ته توهان جي زندگي ۾ اهڙا موقعا هر هر اچن.

هن چيو ته پاڪستان ڏکئي معاشي دور مان گذري رهيو آهي ۽ قوم کي اقتصادي بحالي جي حڪومتي ڪوششن ۾ سهڪار ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.