چين ۾ طوفان جي تباهي، 18 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي اوڀر صوبي جيانگ ۾ سامونڊي طوفان ليڪيما سان گڏ ايندڙ تيز برساتن سبب مٽيءَ جون ڇِپون ڪِرڻ جي هڪ واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مقامي انتظامي اهلڪارن 16 ڄڻن جي دٻجڻ جو به ٻڌايو آهي ۽ ريسڪيو ڪارڪن انهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن.

مٽيءَ جون ڇِپون ڪِرڻ جو اهو واقعو وين زو واري هنڌ پيش آيو، جڏهن ته طوفان سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇِتون اڏي ويون آهن ۽ بجلي جو نظام ڊانواڊول آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.