هوٽلن جو زهريلو کاڌو ۽ مرندڙ معصوم ٻار

اها ڪيڏي نه اڀ ڏاريندڙ خبر هوندي جڏهن ڪنهن ماءُ پيءُ جي اکين اڳيان سندن جي گلن جهڙا هڪ نه ٻه نه پنج معصوم بڄڙا ڦتڪي ڦتڪي ساهه ڏيندا هجن ها ۽ هو ڪجهه به نه ڪري سگهن ها، هڪ ئي معصوم ٻار جو موت ڪنهن به ماءَ جو سينو ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي پر هڪ ئي وقت پنجن ٻارن جي مرڻ بعد اها ماءُ ۽ اهو پيءَ ڪيئن هوندا، جن جا ٻچا ڦتڪي ڦتڪي مئا هجن، اهڙي اطلاع نه صرف انهن ٻارن جي مٽن مائٽ لاءِ قيامت برپا ڪري ڇڏي هوندي پر اهڙي خبر هر ٻچڙيوال جو هانو جهوري ڇڏيو هوندو.

اهڙو ئي هڪ واقعي ڪراچيءَ ۾ پيش آيو آهي جنهن متعلق اخبارن ۾ خبرون پهرين صفن تي شايع ٿيون آهن جن سان گڏ انهن پنجن ئي ابهم ٻارن جي زندگيءَ جون تصويرون به شايع ٿيل آهي، خبرن پڙهڻ ۽ تصويرون ڏسڻ بعد ڪو به دل وند ماڻهو اکين مان ڳوڙاهه نه ٿو روڪي سگهي، واقعي مطابق انهن پنجن ئي ٻارن جو تعلق ڪوئٽا سان آهي ۽ هو پنهنجي والدين سان ڪراچي گهمڻ آيا هيا شهر ۾ گهمڻ دوران هُنن صدر ۾ ڪراچيءَ جي مشهور هوٽل نو بهار تي ماني کاڌي جنهن بعد سندس طبعيت بگڙجڻ لڳي ۽ کين حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي پنج ئي ٻارڙا واري واري سان فوت ٿيندا ويا،  فوت ٿيل ٻارڙن ۾ ڏيڍ سال جو عبدالعلي، چئن ورهين جو عزيز فيصل، 6 ورهين جي عاليه، ستن ورهين جو توحيد ۽ 9 ورهين جي صلومي شامل آهن، جڏهن ته سندن ماءُ بينا جي حالت پڻ خراب ٿي پئي جيڪا به بعد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، واقعي کانپوءِ پوليس پهچي ريسٽورنٽ ۾ پيل کاڌا سيل ڪري ڇڏيا. پوليس جو موقف آهي ته متاثر ڪٽنب ڪراچي اچڻ کان اڳ خضدار ۾ به ماني کاڌي هُئي ۽ رات دير سان ٻارڙن ۽ سندن پڦي جي حالت خراب ٿي وئي هُئي، جنهن بعد ستن ٻارڙن کي اسٽيڊيم روڊ تي قائم خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو موقف آهي ته ڄاڻايل واقعي ۾ شروعاتي جاچ ۾ ئي واقعي جي پيش اچڻ جو سبب زهريلي کاڌو لڳي ٿو تنهن هوندي به واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. فوتي ٻارڙن ۽ سندن ماءُ جا لاش ايئر ايمبولنس ذريعي ڪوئيٽا روانا ڪيا ويا آهن جتي سندن تدفين ڪئي ويندي.

بلاشڪ هي هڪ انتهائي المناڪ واقعو آهي پر ان کان اڳ به ڪراچيءَ ۾ ئي اهڙو واقعو پيش اچي چڪو آهي جنهن ۾ ٻه ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، جنهن بعد ئي سنڌ حڪومت سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جوڙي هُئي جنهن شروعاتي طور تي سرگرميون ڪري ڪجهه هوٽلن تي ڇاپا هنيا هيا ۽ ڪجهه هوٽلن کي چتاءَ جاري ڪيا هيا.

هوٽلن تي زهريلو کاڌيو، پاراٿو کاڌو، غير معياري کاڌو، بيمار ۽ مرادر جانورن جا کاڌا ته عام هيا جن متعلق اڪثر ڪري اخبارن ۾ خبرون اينديون رهنديون هيون، اهڙيون خبرون سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڇڏي سنڌ جي ٻين شهرن جهڙوڪر ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد مان پڻ اينديون رهيون آهن، حيدرآباد ۾ ڪُتي جي گوشت جي بريانيءَ واري خبر ڪا گهڻي پراڻي خبر نه آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ گڏهه جي گوشت جي استعمال جون خبرون اڪثر اينديون رهنديون آهن.

بيمار ۽ مردار جانورن جي گوشت جو استعمال ۽ ڪاروباري بنيادن تي انهن کي هوٽل تي مختلف طعامن ۾ استعمال ڪرڻ ايترو سنگين نه آهي جيترو سنگين هوٽلن تي پاروٿو، غير معياري ۽ زهريلو کاڌو گراهڪن کي کارائڻ وارو عمل آهي جنهن ڪري ماڻهو اڪثر ڪري نه صرف بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن پر هاڻي ته صورتحال اها آهي ته ماڻهو اهڙا کاڌا استعمال ڪرڻ سبب مري وڃن ٿا اهڙن واقعن ۾ ڪراچيءَ نوبهار هوٽل جو کاڌو کائڻ سبب پنجن ٻارن ۽ سندن ماءُ جي فوت ٿيڻ وارو واقعو انتهائي سنگين آهي جنهن سچ پچ ته معاشري کي ئي لوڏي ڇڏيو آهي، ڇو جو جديد دور جي سماج ۾ ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو گهرن جي کاڌن کان وڌيڪ ٻاهر هوٽلن جا کاڌا استعمال ڪن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ نوبهار ريسٽورينٽ وارو المناڪ واقعو آهي جيڪو فوري نوٽس وٺڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿو.

اسان جي معاشري ۾ اها هڪ عام رواجي صورتحال آهي ته کاڌي پيتي جي شين جي معياري هجڻ تي ڪابه چڪاس نه ٿي رکي وڃي، وڏن هوٽلن جي ڳالهه هُجي يا ننڍڙن ننڍڙن ڍاٻن، ريڙهن تي وڪامجندڙ بن برگرن، ڊٻل ڇولن ۽ پڪوڙن جي جيڪي اڪثر ڪري گهٽ آمدنيءَ وارا ۽ غريب ماڻهو استعمال ڪندا رهندا آهن، جن جي صحت اڪثر ڪري خراب رهندي آهي، معاشري ۾ پنهنجن ماڻهن جي صحت جو خيال رکڻ سرڪار جي ذميواري هوندي آهي، صحت بخش دوائن جو معاملو هُجي، صاف پاڻيءَ جي معاملو هُجي، يا بهتر خوراڪ جو معاملو هُجي، ان جي فراهميءَ لاءِ هميشه ۽ هر وقت ذميوار حڪومت هوندي آهي، دنيا جا سموران مهذب ملڪ ان سلسلي ۾ پنهنجيون ذميواريون انتهائي بهتر نموني نڀائيندا رهن ٿا اهو ئي سبب آهي جو انهن معاشرن مان نه ته اهڙي قسم جي ڪا خبر ٻڌڻ ۾ ايندي آهي نه ئي اهڙن سڌريل معاشرن ۾ اهڙي قسم جي واقعن کي برداشت ڪرڻ جو ڪو تصور به ڪري سگهجي ٿو.

اسين هن موقعي تي سنڌ حڪومت کي اها اپيل ڪنداسين ته جيترو جلد ۽ وسيع پئماني تي ٿي سگهي ته سنڌ فوڊ ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جي سرگرمين کي شروع ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سماج کي صحت مند کاڌو، اصلي دوائون ملاوٽ کان پاڪ شيون ملي سگهنديون. اسان نوبهار سانحي جي سلسلي ۾ پڻ سنڌ سرڪار کي اپيل ڪنداسين ته واقعي جي جانچ ڪرائي ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.