اسرائيلي فوج 4 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو

 

غزا (ويب ڊيسڪ) قابض اسرائيلي فوج غزا جي سرحد تي 4 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

اسرائيلي اختيارين ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو ته غزا پٽي جي سرحد ڀرسان فوجين تي حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي.

اسرائيلي دفاعي فوج طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان فوجي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 4 فلسطيني دهشتگرد مارجي ويا.

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ڇنڇر ڏينهن جهڙپن دوران هڪ فلسطيني هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

سرائيلي فوج جي ٽوئيٽر هينڊل جي شايع ڪيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ 4 ويڙهاڪن وٽ مختلف قسمن جا هٿيار هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.