لکين ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون…! گڏيل قومن خبردار ڪري ڇڏيو

 

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته شام جي صوبي ادلب ۾ جنگ بندي جي خاتمي سبب خوف ۽ ڏهڪاءُ سبب لکين ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب شامي حڪومت هلندڙ هفتي گھٽ مدي لاءِ ملڪ جي اتر اولهه حصي ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو، جيڪو هاڻ ختم ٿي ويو ۽ فوري طور تي ويڙهه ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.

جنيوا ۾ شامي ۽ ان جي اتحادي روس جي اختيارين ملاقات کان پوءِ گڏيل قومن ان علائقي ۾ وڏي حڪومتي ڪارروائي جي خطري بابت خبردار ڪيو ڇو جو ادلب ورهين کان انهن ماڻهن لاءِ آجيان ڪندڙ زون جي حيثيت رکي ٿو جيڪي ملڪ ۾ ملڪ ۾ ڪنهن به اڳڀرائي سبب لڏ پلاڻ ڪندا آهن.

ان معاملي تي گڏيل قومن جي شام بابت اساني حقن جي سربراهه پينوس مومتيز چيو آهي ته ان علائقي ۾ امڪاني حڪومتي ڪارروائي باهه سان کيڏڻ جي برابر آهي.

هن چيو ته شامي صدر بشارالاسد جي فورس طرفان جيڪڏهن ادلب ۾ حملو ڪيو ويو ته اتان جا ماڻهو ڪيڏانهن ويندا؟ هنن کي خبر ناهي ڇو جو هنن وٽ ڪا ٻي محفوظ جاءِ ناهي، گڏوگڏ هن چيو ته ان عمل سان خوف ۽ ڏهڪاءُ ٻيهر پيدا ٿي ويو آهي.

پينوس مومتيز جو چوڻ هو ته اهو هن وقت باهه سان کيڏڻ جيان آهي ۽ اسان کي فڪر آهي ته اهو وس کان ٻاهر ٿي ويندو.

ان موقعي تي گڏيل قومن جي شام بابت خاص سفير لاءِ انساني حقن جي سينيئر صلاحڪار نيجت روچڙي جو چوڻ هو ته اپريل جي آخر تائين کان ان علائقي ۾ 500 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا، انسانيت پسند ڪردار امڪاني فوجي مداخلت جي تجويزن وارن بيانن تي ڳڻتي ۾ مبتلا آهن ڇو جو ان سان اهڙن علائقن ۾ انساني حياتين جو زيان ٿيندو جتي اڳ ئي ماڻهو ورهين کان فوجي سرگرمين، بي گھر هجڻ، ڏڪر ۽ بوڏ جهڙي صورتحال سان منهن ڏئي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.