[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: سوڀوديرو: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190809Sobhodero Pkg-05.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
سوڀو ديرو جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال حسين جنڊاڻ، ٽائون چيئرمين رسول بخش سهتو، ڊي اِي او اياز حسين مهيسر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ خاص مهمانن، استادن، شاگردن ۽ شهرين قومي جهنڊو ڦڙڪائي 14 آگسٽ جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽي قوم کي واڌائي ڏني..
ان موقعي تي خاص مهمانن ۽ شاگردن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان وڏين قربانين جي نتيجي ۾ آزاد ٿيو آهي، جنهن جي سلامتي لاءِ ملڪ جو ٻچو ٻچو قرباني لاءِ تيار آهي.
سندن چوڻ هو ته هر شهري کي پنهنجي وطن سان محبت آهي، تنهن ڪري آگسٽ جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي جشن آزادي جون تياريون ڪيون وڃن ٿيون.
تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ملي نغما ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد ماڻيو………………….