[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: چيلهار: جشن آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب سڏائي وئي” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190809Chelhar Pkg-09.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
چيلهار شهر ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف اسڪولن جي انتظاميا پاران سلائي مشين سينٽر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ سوشل ويلفيئر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ناٿو خان راهمون، ٽائون چيئرمين پرديپ مهراج، ڪرمچند ميگهواڙ ۽ ڊي اي سوشل ويلفيئر ڪيلاش ميگهواڙ سوڌو ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
خاص مهمانن قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي.
تقريب ۾ شاگردن تقريرون، ٽيبلوز ۽ قومي گيت پيش ڪري پنڊا ۾ موجود ماڻهن کي گرمائي ڇڏيو.
ان موقعي تي خاص مهمانن پاران سٺي پرفارمنس ڏيکاريندڙن ۾ شيلڊون ۽ انعام ورهائي مڃتا ڏني وئي……………………..