[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: ڄام صاحب: جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190810Jam Sb-07.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
ڄام صاحب ۾ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو.
جسقم اڳواڻ عارف خاصخيلي، حيدر سنڌي، معشوق ڏاھري، ناصر شاھه، ۽ ٻين بشير خان قريشي جي 60 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بشير خان سنڌ جو سچو عاشق هو، جيڪو هميشه سنڌ جي مسئلن جي خاتمي لاءِ سجاڳ رهيو.
ھنن چيو ته سنڌ جي عشق ۾ بشير خان قريشي کي ڪيترائي ڀيرا ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل به موڪليو ويو.
قومپرست اڳواڻن چيو ته بشير خان قريشيءَ زندگي جا حسين ڏينهن سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن رستن تي گزاريا.
اڳواڻن چيو ته شھيد بشير خان قريشي جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا………………