رپورٽ: خيرپور ۽ کپري ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريبون

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: خيرپور ۽ کپري ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريبون” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190810Khp Pkg-07.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

خيرپور ۽ کپري ۾ جشن آزادي جي حوالي سان تقريبون ڪوٺايون ويون.

خيرپور ۾ سنڌ يوٿ آرگنائيزيشن طرفان پاڪستان سوئٽ ھوم ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جتي ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد شرڪت ڪئي.

اي آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد خطاب ڪندي چيو ته معصوم ٻارن جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي کيس خوشي ٿي آهي، کين يتيم نه سڏيڻ گهرجي.

ھن چيو ته آزادي ھڪ نعمت آهي جيڪا وڏن جي ڏنل قرباني سان ملي آهي.

جميل احمد چيو ته ڀارت کي ڪشمير جي عوام مٿان ظلم بند ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

کپري ۾ بحريا فائونڊيشن ڪاليج ۾ ٿيل تقريب ۾ شهرين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ آزادي جي حوالي سان رخسانا، وريام، زين تقريرون ڪيون، جڏهن ته ۽ گلزيب، پاويش، هادي، ميرخان، صائما، ملي نغما پيش داد حصل ڪيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.