سنڌ حڪومت عيد جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيد الاضحيٰ جي سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي جي خانگي ۽ سرڪاري واپاري مرڪز ۽ تعليمي ادارا 12 کان 15 جولاءِ تائين بند رهندا.

حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب سومر، اڱارو، اربع ۽ خميس تي عيدالاضحيٰ جون موڪلون سمورن سرڪاري، اڌ سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ هونديون، ان کان سواءِ صوبائي حڪومت جي ماتحت سمورا ادارا بند رهندا.

نوٽيفڪيشن موجب سمورا ادارا جمعي کان معمول جي موجب کلندا. ان کان اڳ وفاقي حڪومت طرفان به عيد الاضحيٰ جي سرڪاري موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.