پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سول ۽ عسڪري قيادت ڪشميرين جي آواز سان آواز ملايو، ملڪي قيادت ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ملڪي قيادت دنيا کي پيغام ڏنو ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي، قائداعظم جي ٻه قومي نظريي سان اختلاف ڪندڙ اڄ سمجهي چڪا هوندا، قائداعظم هندو ذهنيت کي پڙهي ڇڏيو هو.

هن چيو ته ڀارت اڄ اقليتن خاص طور مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو سامهون اچي رهيو آهي، ڀارت ڪشميرين جا حق غصب ڪري رهيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ ميڊيا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي آهي، ڀارت سمورا ناڪاري حربا استعمال ڪري ڪشميرين جو آواز دٻائڻ چاهي ٿو ۽ ڪشميرين تي ظلم دنيا سامهون آڻڻ پيو ڏئي، ڪشميرين جي جدوجهد آزادي جي جدوجهد جي تحريڪ بڻجي سامهون آئي آهي، ڀارت جتي جتي ڪشميرين جو استحصال ڪندو پاڪستان اتي سامهون بيٺل هوندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي حمايت لاءِ هر آپشن استعمال ڪندو، پاڪستان پارليامينٽ جي ٺهراءَ ۾ عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي وئي، قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جا فيصلا ڪشميرين سان رشتي جي عڪاسي آهن.

فردوس عاشق اعواڻ اعلان ڪيو ته ڀارتي فلمن جي پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ نمائش جي اجازت نه هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.