محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ جي هَڙ هلي وئي…!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سيزن 20-2019 لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن مان سينيئر ڪرڪيٽرن شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ کي نيڪالي ڏني وئي آهي.

سيزن ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جون 6 ميچون، 3 ون ڊي ۽ 9 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.

گذريل سال 33 ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو هو پر نئين سيزن لاءِ رڳو 19 رانديگرن کي ڪانٽريڪٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شامل رانديگرن جي معاوضن ۾ سٺي واڌ ڪئي وئي آهي.

سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري ۾ ڪپتان سرفراز احمد، بابر اعظم ۽ ياسر شاهه شامل آهن.

ڪيٽيگري بي ۾ اسد شفيق، اظهر علي، حارث سهيل، امام الحق، محمد عباس، شاداب خان، شاهين آفريدي ۽ وهاب رياض کي جاءِ ملي آهي.

عابد علي، حسن علي، فخر زمان، عماد وسيم، محمد عامر، محمد رضوان، شان مسعود ۽ عثمان شنواري کي سي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي.

نئون سينٽرل ڪانٽريڪٽ پهرين جولاءِ 2019 کان 30 جون 2020 تائين لاڳو هوندو.

پي سي بي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 12 مهينن ۾ رانديگرن جي فٽنيس، ڪارڪردگي ۽ ايندڙ سيزن ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي کي نظر ۾ رکندي نئون سينٽرل ڪانٽريڪٽ جاري ڪيو ويو آهي.

محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جاري ناهي ڪيو ويو پر ٻئي رانديگر ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي لاءِ موجود هوندا.

نئين ڪانٽريڪٽ جي حوالي سان پي سي بي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان جو چوڻ هو ته ايندڙ سيزن لاءِ بلند هدف رکيا آهن ۽ اسان سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ لاءِ معيار بلند ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.