دادو جي ٽريزري آفيس ۾ ويٺل ڌاڙيل

شاھ محمدلغاري

سنڌ حڪومت جو خزانو خالي ڪئين نه ٿيندو جڏهن خزاني جا محافظ ئي ڌاڙيل هجن پنهنجي ڪميشن جي عيوض هر ضلعي جي خزاني مان ڪروڙن جو ڌاڙو هڻڻ ۾ مصروف هجن دادو ضلعو جيڪو ويٽنام نالي سان مشهور آهي پر ڪرپشن ۾ به دادو ضلعو سب کان پهرين نمبر تي آهي دادو ۾ ڪا اهڙي آفيس رهيل ناهي جنهن ڪرپشن جي ڀرمار  نه هجي دادو ۾ چونڊيل نمائيندن پنهنجي پنهنجي فرمائشن تي پنهنجا واٺا هر آفيس ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي سڄو ڏينهن ڦرمار ۾ پورا آهن.

دادو ضلعي  جي خزاني آفيس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي دادو ۾ ڪروڙن رپين جي اسڪينڊل بعد جي پي فنڊ ۽ پينشن ۾ ڪروڙن رپين جا گھپلا ڪيا وڃن ٿا ڪروڙن رپين جي گهپلن ۾ آفيسرن ۽ ايجنٽن جا ڌاڙا جاري آهن ضلعي دادو آفيس ۾ قاسم راهپوٽو عزيز عباسي جهڙن آفيسرن ۽ انهن جي رکيل ايجنٽن رشوت جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي خزانه آفيس دادو ۾ سڄو ڏينهن ڪرپشن جي ڀرمار جاري رهي ٿي نيب توڙي انٽي ڪرپشن  جهڙن ادارن نوٽيس وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ويا  آهن يا پاڻ نوٽيس نٿا وٺن دادو جي خزانه آفيس ۾ استادن ۽ ننڍن ننڍن ملازمن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي.

خزانه آفيس ۾ اڪائونٽس آفيسر ۽ آفيسرن جا مقرر ايجنٽ سرڪاري ملازمن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ۾ مصروف رهن ٿا  خزاني آفيس دادو جي آفيسرن خلاف ڪا به ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي نيب توڙي انٽي ڪرپشن ۽ ٻيا وس وارا ادارا ڄڻ چادرون سوڙون ويڙهي سمهي پيا آهن نشي جهڙي ننڊ ستل آهن خزانه آفيس ۾ راشي آفيسر ملازمن جي فائلن ۾ نوٽ هڻي ڇڏين ٿا جنهن سبب هو پريشان ٿي پيسا ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا جي پي فنڊ، ريسٽوريشن، فيملي پينشن، ايف او، تي به انهن آفيسرن جا ڌاڙا جاري آهن.

نيب توڙي انٽي ڪرپشن جا آفيسر گهري ننڊ ستل آهن جنهن سبب خزانه آفيس ۾ آفيسرن جا ڪروڙن رپين جي گھپلن ۾ ڌاڙا جاري رهن ٿا دادو جي خزانه آفيس ۾ مقرر آفيسرن وٽ ڊگري نه هوندي به آفيسر مقرر آهن دادو جي سياستدان جي آشرواڌ سان ميٽرڪ پاس جيڪي ڪنهن وقت جا پٽيوالا اڄ خزانه آفيس ۾ ڪرسين تي ويٺل آهن جيڪي ملازمن جون بنا جواز پگهارون بند ڪري انهن کي پريشان ڪن ٿا ته توهان جو مٿان کان آئيڊيون بند ٿي ويون آهن ۽ پيسا وٺي انهن جون پگهارون جاري ڪن ٿا جڏهن ته ننڍن ننڍن ملازمن کي پروموشن جا آسرا ڏئي انهن کان لکين رپيا وٺي سڄو ڏيهن انهن کي آفيس جا چڪر لڳرائين ٿا خزانه آفيس جي انهن ظالم کان ڪيترائي نوجوان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري چڪا آهن جن وٽ ايم اين اي يا ايم پي اي جي سفارش آهي انهن جا ڪم جلد ڪيا وڃن ٿا سفارش نه هوئڻ جي صورت ۾ انهن ننڍن ننڍن ملازمن استادن کان ٻيڻا پيسا وٺي انهن جا ڪم ڪن ٿا دادو جي  انٽي ڪرپشن آفيس ۾ ڪيترن ئي ملازمن شڪايتون ڪيون پر انٽي ڪرپشن جا آفيسر توڙي ٻيو عملو خزاني آفيس مان پنهنجو حصو وٺي خاموش ٿي وڃن ٿا .

دادو جي سرڪاري ملازمن شھرين واپارين دانھيو پر ڪنهن جي ڪن تي جوئن به نٿي سري سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگھارون ڏيارڻ ۾ به ڪميشن وصول ڪئي وڃي ٿي پينشن زڪوات کاتي جي فنڊن ۽ ٻين ترقياتي فنڊن ۾ ھيرا فيري ڪري سرڪاري کاتن جا اربين روپين جا فنڊ خزانا آفيس دادو جي مھربانين سان ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ۾ غرق ڪيا وڃن ٿا دادو خزانه آفيس ۾ ايجوڪيشن کاتي جا ويٺل راشي آفيسر سڄو ڏينهن ڦرمار ڪن ٿا پر ڪير به انهن کي چوڻ وارو ناهي دادو جي خزانه آفيس ۾ مقرر آفيسرن جي آڊٽ ڪئي وڃي ته هنن ڪروڙين رپين جو ملڪيتون ڪٿان آنديون گاڏيون بنگلا ڪٿان ٺهرايا انهن کي جنهن جو آشرواڌ آهي اهي به هن رشوت جي بازار جا برابر جا شريڪ آهن دادو جي سياستدانن کي ووٽ دادو جو عوام ڏي ٿو پر ڦرمار به دادو جي عوام کان ڪئي وڃي ٿي دادو جا سياستدان اهڙن نااهل آفيسرن کي خزاني جي آفيس جو چاٻيون ڏنيون آهن جيڪي اڻپڙهيل آهن جنهن کي پنهنجو نالو لکڻ نٿو اچي اهو ان ڪري ته اهي آفيسر انهن سياستدانن جا يس مين آهن هر ڳالھه کي لبيڪ چوڻ وارا آهن پيپلزپارٽي جو چئيرمين بلاول ڀٽو جيڪڏهن هن ڀيري سنڌ ۾ تبديلي نه آندي ۽ دادو جي حالت ساڳي رهي ته پوءِ دادو ۾ پارٽي جو الله واهي بلاول صاحب دادو جي عوام لاء نوٽيس وٺي ۽ دادو جي عوام جا مسئلا حل ڪري باقي دادو جي چونڊيل نمائيندن جو ڪو به حال ناهي انهن کي پنهنجي ووٽرن جو خيال ناهي دادو ۾ هڪ پارٽي ۾ هوندي انهن جا پاڻ ۾ وڏا اختلاف وڌي ويا آهن جنهن سبب دادو جو عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي عوام سياسي مسئلي ۾ ڦاسي ويو دادو جا چونڊيل نمائيندا عوام کي ائين چئي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا ته تون فلاڻي جو ماڻهون آهين ان ڪري تنهنجو مسئلو حل نه ڪنداسين.

دادو جي عوام سپريم ڪورٽ، ڊي جي رينجرس ۽ ٻين وس وارن آفيسرن کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته دادو جي ٽريزي آفيس ۾ ويٺل ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري ڪرپٽ عملي کي هٽايو وڃي ۽ انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته انهن ڪروڙين رپيا ڪئين ٺاهيا؟.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.