رپورٽ: لاڙڪاڻو: عاقب چانڊيو آزاد نه ٿيو، وارثن پاران سالگرهه جي ڏڻ تي بازيابي لاءِ احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: لاڙڪاڻو: عاقب چانڊيو آزاد نه ٿيو، وارثن پاران سالگرهه جي ڏڻ تي بازيابي لاءِ احتجاج” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190808Larkana Pkg-12.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

لاڙڪاڻي مان 14 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل مئٽرڪ جو شاگرد نوجوان عاقب چانڊيو گهر نه موٽيو.

وارثن عاقب چانڊيو جي 19هين سالگرهه جي ڏينهن تي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل عاقب جي امڙ مختيار بيگم، ڀينرن رقيه، شازيه، فضا، پڦي شمشاد خاتون ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته گذريل سال 30 مئي تي عاقب چانڊيو کي گهر ٻاهران کنڀي گم ڪيو ويو هو، جنهن کي سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر کيس اڃا تائين آزاد ناهي ڪيو ويو

هنن چيوته نوجوان پٽ آزاد نه ٿيڻ ڪري گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، جڏهن ته سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون.

متاثر ڪٽنب سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي نوجوان عاقب چانڊيو کي آزاد ڪرايو وڃي ته جيئن ساڻس عيد جون خوشيون ملهائي سگهون…………………

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.