آمريڪا ڀارت جي دعويٰ ڌوڙ ڪري ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ بابت آگاهه ڪرڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.

آمريڪا جي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا بابت قائم مقام نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جي قدم بابت آمريڪا کي آگاهه ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪئي.

هڪ بيان ۾ ايلس ويلز جو چوڻ هو ته ميڊيا رپورٽنگ جي ابتڙ ڀارتي حڪومت آمريڪا کي ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت جي خاتمي بابت نه ته اڳ ٻڌايو ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪو صلاح مشورو ڪيو.

واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان اڳ آمريڪا کي اعتماد ۾ ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.