ڪشمير کي فلسطين بڻجڻ نه ڏنو وڃي: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جڏهن ڀارت پاڪستان سان ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي سفيرن کي واپس گھرائن، جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو پنهنجو سِر تريءَ تي رکي ان جو مقابلو ڪندو.

والاريل ڪشمير جي صورتحال تي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فواد چوڌري چيو ته آئون درخواست ڪيان ٿو ته اسان جي ٻارن جي خون تي سياست ڪرڻ بند ڪيو.

جذباتي انداز ۾ پنهنجي تقرير دوران هن چيو ته جڏهن هندستان سان ڳالهه ٻولهه ٿي ئي نٿي سگھي ته پوءِ هڪ سفيرن کي رکي خرچ ڇو ڪيا ويندا آهن، ايوان کان مطالبو ڪريان ٿو ته ڪشمير کي فلسطين بڻجڻ نه ڏنو وڃي، اڄ ڀارت به ڪشميرين سان ائين ئي ڪري رهيو آهي جيئن فلسطين ۾ اسرائيل ڪيو.

وفاقي وزير چيو ته عالمي برادري ان معاملي تي پنهنجي ذميواري ادا ڪري، ڇو جو جيڪڏهن اها جنگ ٿي ته ان جو نقصان سڄي دنيا جي ملڪن جا تخت گاهه محسوس ڪندا.

سندس چوڻ هو ته اسان کي جنگ ۽ امن ٻنهي لاءِ تيار رهڻ گھرجي، هندستان کي اهو پيغام وڃڻ گھرجي ته اسان اڳ به ڪشمير خاطر مرڻ لاءِ تيار هئاسين ۽ اڳتي به تيار رهنداسين

فواد چوڌري چيو ته آئون هڪ ڳوٺ ۾ ويس، جتي 23 ورهين جي نوجوان کي مارٽر لڳو هو، ان جو رڳو چهرو وڃي بچيو هو، سندس پوڙهي پيءُ کي مان ڏٺو جنهن جي اک ۾ ڳوڙها نه هئا پر ماءُ ته ماءُ هوندي آهي، ماءُ جا ڳوڙها جاري هئا.

هن چيو ته ڪالهه جيڪو ايوان ۾ ٿيو ۽ اڄ جيڪو ٿي رهيو آهي، ان مان دنيا کي سٺو پيغام نه پيو وڃي، ان معاملي جي حڪومت جي به غلطي آهي، ڪالهه جڏهن وزيراعظم ايوان ۾ سوال اٿاريو ته ڇا مان ڀارت تي حملي جو اعلان ڪيان ته ان وقت شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي بيهي چوڻ گهرجي ها ته قدم وڌايو، اسان توهان سان گڏ آهيون پر ائين نه ٿيو، ان موقعي تي ايوان ورهايل هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.