[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: گهوٽڪي ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي وڃڻ کانپوءِ ڪهڙا کنيا ويا قدم؟” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190807Ghotki Pkg-10.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم قادرپور شينڪ بند ۽ او جي ڊي سيل بند جو ڪري امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ ۽ حساس بندن جي نگراني ڪرڻ لاءِ آبپاشي کاتي جي ملازمن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي.
ان موقعي تي هن چيو ته گليشيئر جي پگهرڻ توڙي سانوڻي جي برساتن سبب ڏينهون ڏينهن درياء جي پاڻي ۾ چاڙهه ٿي رهي آهي انڪري حساس بندن جي خاص طور تي نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ تيزي سان مرمتي ڪم ڪيو وڃي.
ڊي سي محمد خالد سليم ڊائريڪٽر سيڊا کي هدايت ڪندي چيو ته او جي ڊي سي ايل واري حفاظتي بند جي انٽيگرٽي ٽيسٽ ۽ انسپيڪشن ڪرائي وڃي، جڏهن ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ ملازمن جون موڪلون رد ڪري غير فعال مشينري کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي…………………