فردوس جمال ۽ ماهرا خان جو معاملو

فردوس جمال پاڪستاني انڊسٽري جو مشهور اداڪار آهي.هن ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن پر وڏا اداڪار جڏهن به ڪنهن ٻي اداڪار بابت ڪجه ڳالهائيندا آهن ته تڪرار پيدا ٿي ويندو آهي.هاڻي فردوس جمال ماهرا خان بابت هڪ بيان ڏنو آهي جيڪو هيٺ ڏنل آهي اوهان سڀ ڏسي سگهو ٿا.ان ۾ هن چيو ته ماهرا خان اداڪار ناهي پر صرف ماڊل آهي کيس اداڪاري نٿي اچي ٻيو وري سندس عمر وڌي وئي آهي هاڻي کيس هيروئن نه پر ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ان تي ڪيترا اداڪار فردوس جمال کان ڪاوڙجي ويا ۽ ان مسئلي تي پنهنجا تبصرا ڏنا.انهن ۾ مشهور اداڪارا اسما عباس هيٺ ڏنل لفظ استعمال ڪيا

ان تي هڪ ٻي اداڪار مرزا گوهر رشيد چيوته ”اسان جي سينيرز کي گهرجي ته جونيئر جي حوصلا افزائي ڪن اهو ئي ڪارڻ آهي ته ٻيون انڊسٽريز ڪاميابي سان آرٽ ۽ ڪلچر کي دنيا ۾ پکيڙي رهيون آهن.تنقيد ڪرڻ گهرجي پر جيڪا اصلاح لاءِ هجي ذاتي تنقيد سان ڪنهن کي به ڪو فائدو نه ٿيندو“ ٻي ٽوئيٽ ۾ کيس مخاطب ڪندي چيائين ته ” سر مان اوهان سان اها اميد نه ڪئي هئي“

پوءِ ٻيا به ڪيترائي اداڪار سامهون آيا جن ماهرا خان بابت ڏنل بيان کي غلط چيو ۽ سندس ڪم جي تعريف ڪئي.

مومنا دريد هم ٽي وي جي مينيجنگ ڊائيڪٽر آهي.جمال فردوس جي ان تبصري تي مومنا دريد کيس هم ٽي وي تان بين ڪري ڇڏيو.

ان عمل تي ڪيترين ئي اداڪارن سندس مخالفت ڪئي.

”خاني“ ڊرامي جي مشهور اداڪار  فيروز خان چيو ته ڪنهن جي تبصري تي ان کي بين ڪرڻ بيوقوفاڻو عمل آهي ۽ جيئن ڪير ڪنهن جي opinion  تي ان کي بين ٿو ڪري ته اسان جي ملڪ ۾ هر ٻيو ماڻهو بين هجي ڇو جو هر ڪو اظهار جي آزادي تي عمل ڪرڻ وارو  آهي.

ان کان پوءِ ٻين اداڪارن به مومنا دريد جي خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ شروع ڪيو.

فردوس جمال جي پٽ مومنا دريد جي ”بين“ ڪرڻ واري عمل خلاف ٽوئيٽر تي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هو مطالبو ٿو ڪري ته ماهرا خان هم ٽي وي کي بين ڪري ۽ مومنا دريد معافي گهري.ان کان پوءِ #supportFirdousJamal  ٽرينڊنگ تي رهيو.

فردوس جمال جي پٽ همزا فردوس جو پيغام هيٺ ڏنل وڊيو ۾ آهي.

 

View this post on Instagram

video courtesy #reviewit

A post shared by IRFANISTAN (@irfanistanofficial) on

ان سڄي مسئلي ۾ عوام ماهرا خان جي رد عمل جو انتظار پئي ڪري.هڪ وڊيو ۾ ماهرا چيو ته ”اسان اداڪار آهيون اسان جي بابت ماڻهن جا مختلف  opinions هوندا آهن.ڪجهه ماڻهو مثبت تبصرو ڪندا ته وري ڪي منفي.مونکي ان ڳالهه ۾ ڪا به برائي نه ٿي لڳي“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ماهرا خان هي خط ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪيو.جنهن تي ڪافي Positive Response  مليس.

منهنجي نظر ۾ هر شخص کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي پر اسان کي گهرجي ته مثبت سوچ پکيڙيون بجائي جو منفي تبصرا ڪري ڪنهن جي دل آزاري ڪيون.فردوس جمال صاحب سينيئر اداڪارآهي ۽ ان کي ڪنهن ٽي وي چينل تان بين ڪرڻ معني بيعزتي ڪرڻ آهي.ان لاءِ Hum TV جي مينيجنگ ڊائريڪٽر کي گهرجي ته هڪ معافي نامو لکي ۽ فردوس جمال کي موڪلي.ان سان ننڍن وڏن جي شناس برقرار رهندي ۽ اڳتي ڪير به ڪنهن Legendary Artist جي Insult نه ڪندو.هن دور ۾ پهرائين مشهور آهي ته ٻار وڏن جي عزت نٿو ڪري .آرٽسٽ کي عام عوام فالو ڪندي آهي جيئن هو اهڙي طريقي سان ٽي وي تي ايندا ته انتشار پيدا ٿيندو.ماهرا خان هڪ sensible  موقف پيش ڪيو .توهان پنهنجي راءِ هيٺ comment box  ۾ ڏئي سگهو ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.