” گاج ڊيم "

شاھ محمد لغاري

گاج ڊيم پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ ضلعي دادو جي تعلقي جوهي ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ گاج نديءَ جي ڪناري جوڙيو ويو آهي جيڪو دادو شهر کان اٽڪل 65 کان70 ڪلو ميٽرن (45/40 ميل) جي مفاصلي تي اتر-اولھ ۾ تعمير ڪيو ويو آهي ڊيم جي اڏاوت جو بنياد 2006ع ۾ رکيو ويو جڏهن ته 2012ع ۾ ان جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ جڏهن ته گاج ڊيم مڪمل ٿيندو ته ان جي توانائي يا پاور اسٽيشن ۾ 4.5 ميگا واٽ جي سگھ جي گنجائش هوندي گاج ڊيم منجهان 50 ڪيوسڪ جي مقدار جو پاڻي پائيپ لائين وسيلي منڇر ڍنڍ ۽ ڪاڇي کي پاڻي ڏيڻ جي پڻ رٿا آهي.

نئين گاج ڊيم منجهان دادو ضلعي جي 300000 ايڪڙ زمين سيراب ڪرڻ لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ جي رٿا بہ آهي ۽ ڊيم منجهان 28000 ايڪڙ ايراضي جوهي تعلقي جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي پهچائڻ جو منصوبو به جوڙيو ويو آهي نئين گاج جو پاڻي ايران کان اچي ٿو هي گاج ڊيم 5000 ھزار ايڪڙن تي مشتمل آھي.

هن ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪري شاخون ڪڍيون وينديون جنهن سان علائقي جون لکين ايڪڙ زمينون غيرآباد  اهي آباد ٿينديون ان کان علاوه دادو تائين کارو پاڻي مٺو ٿي ويندو جڏهن ته جابلو پٽي ساوڪ ٿي ويندي علائقو ڪشمير ٿي ويندو پر الائي ڇو حڪمرانن جو گاج ڊيم ڏي ڌيان گهٽ آهي گاج ڊيم جي مڪمل تعمير جي لاءِ 11 ارب رپين جو خرچ جو ڪاٿو لڳائي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو پر افسوس ضلعي جي ڪاڇي واري جابلو علائقي ۾ 80 هزار کان وڌيڪ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ نئين گاج تي گاج ڊيم 11 سال گذرڻ باوجود ٺهي نه سگهيو آهي هاڻ ان جو خرچ جو ڪاٿو 11 ارب رپين کان وڌي 30 ارب ٿي ويو آهي منصوبي کي 11 سال گذرڻ باوجود 50 سيڪڙو به ڪم مڪمل نه ٿيو آهي وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت ٺهڻ بعد به ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو جنهن ڪري اهو منصوبو پنهنجي مدت ۾ پورو نه ٿي سگهيو نه ئي وري ان منصوبي تي ميان نواز شريف جي وفاقي حڪومت ڌيان ڏنو جڏهن ته هن عمران خان جي حڪومت به گاج ڊيم منصوبي کي نظرانداز ڪندي ڪو به فنڊ جاري ناهي ڪيو ويو پ پ پ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ وارن گاج ڊيم نه ٺاهي نه رڳو دادو ضلعي جي عوام، خاص طور تي ڪاڇي وارن سان ظلم ڪيو آهي جڏهن ته 4.5 ميگاواٽ بجلي گهر به خارج ڪيو ويو آهي گاج ڊيم نه ٺهڻ تي ۽ ڪم ۾ سست رفتار تي سپريم ڪورٽ به نوٽيس ورتو هو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نئن گاج ڊيم لاءِ فنڊز جاري نه ٿيڻ تي  چيو هو ته لڳي ٿو وفاقي سرڪار نئن گاج ڊيم ٺاهڻ ئي نه ٿي چاهي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي جنهن دوران پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا پيش ٿيو هو چيف جسٽس نئن گاج جي اڏاوت جي حوالي سان  چيو هو ته لڳي ٿو ته وفاقي سرڪار نئين گاج ٺاهڻ ئي نه ٿي چاهي.

ناڻي وارو وزير اچي وضاحت ڏئي ته ڊيم جي اڏاوت لاءِ فنڊز ڇو جاري ناهن ڪيا ويا پر افسوس وفاق سپريم ڪورٽ جي حڪم کي به ٿڏي ڇڏيو ۽ گاج ڊيم تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ نه ڪو فنڊ جاري ڪيو ويو ڪاڇي جا رهواسي هاري، آبادگا، ڪاروباري ماڻهون ڏاڍا خوش ٿيا هئا ته ان گاج ڊيم ٺهڻ سان سندن غربت، بيروزگاري ختم ٿيندي علائقي ۾ خوشحالي ايندي ۽ سندن تقدير بدلجي ويندي پر اهو ڊيم 11 سالن ۾ نه ٺهڻ ڪري ڪاڇي جي ماڻهن جا خواب اڌورا رهجي ويا آهن ۽ گاج ڊيم نه ٺهڻ ڪري ڪاڇي جون زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري آباد نه ٿي رهيون آهن جنهن سبب ڪاڇي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي ڪاڇي ۾ رهندڙ لکين انسان غربت بک بدحالي جي لڪير هيٺ زندگي گذاري تي رهيا آهن

هن وقت ڪاڇي ۾ پاڻي جي کوٽ تمام گھڻي حد تائين وڌي وئي آهي ائين کڻي چئجي ته ڪاڇي ۾ پاڻي نه ھجڻ برابر وڃي رھيو آھي قسمت سان نئين گاج وھي اچي ٿي جنھن تي واھ، ڍورا،  دُٻا ڀرجي وڃن ٿا جنھن تي ڪاڇي جا غريب ماروئڙا ڪو ھڪ فصل به سورن سان تيار ڪري سگهن ٿا ڪو وقت تائين بيٺل ڇڙيو پاڻي واپرائن تي مجبور ھجن ٿا جيڪو پاڻي ڪي مھينا بيٺل رھي ٿو عام واھپي لاء به اھو ئي استعمال ٿئي ٿو جيڪو انسان توڙي جانور پاڻي واپرائن ٿا جنھن منجهان غريب ماروئڙا ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿيو وڃن ٿا گاج ڊيم جو ڪم لڳاتار سست رفتاري ۾ ھلي پيو ڪم جي سست رفتاري سبب ڪاڇي جي علائقي جون لکين ايڪڙ زمين غيرآباد آھن ماروئڙن کي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي گاج جو پاڻي روز جي بنياد تي ھزارين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگھي ٿو پر ڊيم جو ڪم پورو نه ھجڻ سبب زيان ٿي منڇر ۾ پوي ٿو جيڪڏھن اھو پاڻي جمع ڪري ڪاڇي جون بنجر زمينون آباد ڪجن ته ڪاڇي جا ماڻھون خوشحال ٿي ويندا ڪاڇو سرسبز ٿي ويندو ڪاڇو ڪشمير ٿي ويندو ڪاڇي جي مسڪين ماڻھن جا سور لاھڻ لاء ايمرجنسي بنيادن تي ڊيم جو ڪم پورو ڪيو وڃي جيڪڏھن ائين نه ڪيو ويو ته ڪاڇي جون زمينون انساني وجود کان خالي ٿي وينديون

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.