افغان پوليس اهلڪار پنهنجي ئي 7 ساٿين کي ماري ڇڏيو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏاکڻي صوبي قنڌار ۾ هڪ پوليس اهلڪار پنهنجي ئي 7 ساٿين کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو.

ان اندرين حملي جي ذميواري طالبان قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

قنڌار جي صلعي شاهه ولي ڪوٽ جي انتظامي ترجمان موجب شڪي جوابدار پنهنجي ساٿي پوليس اهلڪارن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو.

هن تصديق ڪئي ته ان اندروني حملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

اهو حملو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن نار رياست قطر جي تخت گاهه دوحا ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.

هوڏانهن انداز لڳايو ويو آهي ته هن وقت طالبان جو اڌ افغانستان تي عملي ڪنٽرول آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.