رپورٽ: حيدرآباد ۾ مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، ساڃاهه وندن پاران احتجاج جو چتاءُ

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: حيدرآباد ۾ مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، ساڃاهه وندن پاران احتجاج جو چتاءُ
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: حيدرآباد ۾ مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، ساڃاهه وندن پاران احتجاج جو چتاءُ

 

حيدرآباد شهر مختلف علائقن مان اڃا تائين برسات جو پاڻي مڪمل طور تي نيڪال نه ٿي سگهيو، قاسم آباد ۽ لطيف آباد جا هيٺاهين وارا علائقا اڃا تائين برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن.

قاسم آباد جي مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري معاملي تي حيدرآباد جي سول سوسائٽي پاران علي پيلس ويجهو پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو ويو

سماجي اڳواڻ پنهل ساريو، محبوب ابڙو، سينيئر صحافي مهيش ڪمار، آڪاش ملاح ۽ اندرجيت لوهاڻي سميت مختلف ماڻهن وفد جي صورت ۾ دورو ڪري پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته علي پيلس هڪ مشين مڪمل طور تي بند پيل آهي، جڏهن ته هڪ مشين ذريعي پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري قاسم آباد جي مختلف علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،

سندن چوڻ هو ته قاسم آباد ۾ برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال جي لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو آهي، غلط رٿابندي تحت پاڻي نيڪال ڪرڻ سبب ڪيترائي ٻوڏ جا منظر پيش ڪري رهيا آهن………………..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.