[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: تلهار: لواري شريف ۾ ملاح برادري جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف ڌرڻو” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190806Talhar Pkg-09.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
تلهار ۾ امير البحر تنظيم جي سڏ تي ملاح برادري جي ماڻهن پاران ابل وسي لواري شريف ۾ ملاح برادري جي ماڻهن جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف ڌرڻو هنيو ويو.
ملاح برادري جي ماڻهن علي نواز، خليفو سجاد ۽ شفيح محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدين پوليس جي 12 موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن بنا جواز ملاح برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي وحيشاڻو تشدد بعد گھرن ۾ بيٺل چوپايو مال ڪاھي وئي.
سندن چوڻ هو ته بدين پوليس بااثر شخص جي چرچ تي ونگار وهندي 3 غريب مزدورن کي کڻي وڃي مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي
احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي مظلوم ماڻهن سان ڪيل پوليس گردي ۾ ملوث جوابدار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي……………….