مٽيءَ ۾ دفن ٿيل 10 ارب ۽ ٻڏي ويل شهر جي ڪهاڻي

اقبال ملاح

اقتدار جي هيٺين سطح تائين منتقلي جي پرڪشش نعري جي نانءُ تي ملڪ جي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي اقتدار وارن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي ترقياتي ڪمن ۾ خاص ڪري ڊرينيج لاءِ 10 ارب روپين جي هڪ وڏي رقم ڏني وئي هئي ۽ ياد ٿو اچيم ته تن ڏينهن ۾ حيدرآباد متحده قومي موومينٽ حوالي هو ۽ شهر جو ناظم ڪنور نويد هو. وچ شهر ۾ چير ڦاڙ ڪري روڊ ٽوڙي وچ روڊ تي هڪ وڏو نالو کوٽي پائيپ لائين وڇائي شهرين کي اهو دلاسو ڏنو ويو هو ته “ڀائي اب حيدرآباد نهين ڊوبني والا”. تن ڏينهن ۾ الطاف حسين جي اعتماد واري ساٿي ۽ پرويز مشرف جي ڇپر ڇانو هيٺ رهندڙ ان وقت جي حيدرآباد جي ضلعي ناظم پنهنجي اعتماد جوڳي ٽيم جي نگراني هيٺ اهو سمورو ڪم پنهنجن هٿن سان ڪرايو. هڪ صحافي طور اربين روپين جي ان اسڪيم کي مون اکين سان ڏٺو، پائيپ مٽيءَ هيٺيان دفن ٿي ويا، روڊ به ٺهي ويا، وقت گذرندو ويو، پر جڏهن به بارشون پيون ته حسن مجتبيٰ جي هن شهر حيدرآباد کي مون ٻڏندي ئي ڏٺو.

اڄ جڏهن مون ماضيءَ ۾ جهاتي پائيندي منهنجي اڄ جي صحافي ۽ ماضيءَ ۾ قاسم آباد جي هڪ يونين ڪائونسل تي ناظم جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺي پنڌ ورڪ ڪندي چونڊون کٽيندڙ ڪامريڊ خالد چانڊيو کان ان رٿا بابت سماءَ چار ورتا ته ڪامريڊ خالد چانڊيو ٻڌايو ته اها اسڪيم ۽ ان تي خرچ ٿيندڙ اربين روپيا ان ڪري به لاڀ ڏئي ناهن سگهيا جو اها اسڪيم ان وقت مڪمل نه ٿي هئي ۽ ڪم اڌ ۾ رهجي وڃڻ ڪري شهر هر برسات ۾ ٻڏي وڃي ٿو. آئون ڪامريڊ خالد چانڊيو جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته اسان وٽ ٽائون پلاننگ نالي ڪا ٽڪي جي شيءِ به ناهي، اسڪيمون ٺهن ٿيون، ڪميشن نڪري ٿي، فائيلن جا پيٽ ڀرجن ٿا ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وڃي ٿي.

هن وقت حيدرآباد شهر ۽ لطيف آباد اڄ به متحده قومي موومينٽ جي حوالي آهي، شهر ۾ برسات ڪري لطيف آباد ۽ حيدرآباد شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ اڄ تائين پاڻي بيٺل آهي، پر “ڀائي لوگ” شهر ۾ نظر نه پئي آيا، هڪ ايم اين اي ۽ ٻه ايم پي اي هڪ ضلعي ڪاموري سان گڏ لطيف آباد نمبر 2 ۽ 6 ۾ فوٽو سيشن ۽ پريس ڪانفرنس لاءِ حيدرآباد پهتا ته ماڻهن سندن گهراءُ ڪيو ۽ سخت احتجاج کانپوءِ هو اتان جان ڇڏرائي واپس ٿيا، ماڻهن جي ڪاوڙ ڏسي هو پاسو وٺي گاڏين ۾ چڙهي جيئن روانا ٿيا وري اڄ تائين واپس متاثر ماڻهن ڏانهن ناهن موٽيا.

ماڻهن ته هڪ ٻئي “بااثر ڪاموري” کي به ڪين بخشيو ۽ کيس نعريٰ هڻي واپس موٽائي ڇڏيو. ان ئي ڪاموري جي هڪ سڃاڻڻ واري منهنجي هڪ صحافي دوست جو چوڻ هو ته “منهنجو ڳوٺائي صاحب چوي ٿو ته حيدرآباد جا صحافي ٺهن ڪو نه ٿا، ذميوار واسا ۽ ايڇ ڊي اي وارا آهن ۽ هو لکن منهنجي خلاف ٿا” مون کيس چيو ته اوهان پنهنجي ڳوٺائي صاحب کي چئجو ته اسان صحافي ڪنهن جي خلاف ناهيون، اسين آئينو آهيون، هتي هر منظر جيئن جو تيئن نظر اچي ٿو.

سنڌ جي نئين اڏجندڙ شهر قاسم آباد جي ته حيدرآباد شهر کان به حالت خراب هئي ۽ آهي. مينهن وسندي ذري گهٽ اچي هفتو ٿيو آهي، پر اڄ به ڪروڙين روپين جا بنگلا پاڻيءَ هيٺ آهن. هاڻ ته مينهن جو پاڻي گندن نالن سان ملي ڌپ ڪري ويو آهي. قاسم آباد سنڌ جي سمورن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪيو ۽ ترسايو، پر قاسم آباد کي ڪو پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، مون ته ڇهه ڇهه ڏينهن لاڳيتو وسڪارو هوندي ڪڏهن قاسم آباد کي ائين ٻڏندي ناهي ڏٺو، جيئن اڄ هن دفعي ٻڏو آهي. ٻن ڏينهن جي بارش ۾ گلستان سجاد جهڙا پوش علائقا ٻڏي ويا ۽ منهنجي يار امداد سومري سميت سوين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي، نه انتظاميا نه ئي اهي ماڻهو جن ووٽ ورتا ۽ چونڊجي ويا سي مدد ڪندي ڏٺا ويا. مون ته سوچيو پئي ته هي اسڪيمون بنا ڊرينيج ۽ سيوريج جي منظور ڪيئن ٿيون، ڪنهن ڪيون ۽ ڇو ڪيون؟. جي منظور ٿيون به آهن ۽ پاڻيءَ جو اڳواٽ ڇوڙ ناهي ته هي هڪ وڏو ڪرائيم ٿيو آهي، ان جي ته نه رڳو انڪوائري ٿيڻ گهرجي پر کلي عدالت هلائي ملوث ماڻهن کي وائکو ڪري سزا ڏجي. هن قسم جا ڏوهه بخشڻ جهڙا ٿورئي هوندا آهن.

مون کي اڄ هڪ سماجي ورڪر فون ڪري چيو ته ڪو انجنيئر آهي، جنهن کي قاسم آباد لاءِ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٽن ارب روپين جي اسڪيم ڏنل آهي، ان مهربان رٿا مڪمل ڪرڻ بجاءِ ان جو پائيپ پراڻي اڳ ۾ موجود هڪ پاسي کان پائيپ سان ڳنڊي ڇڏيو آهي ۽ ان هنڌ تي پاڻي ڪڍڻ لاءِ اڳ ٻه موٽر هلندا هئا، هاڻ هڪ پيو هلي، هو ميڊيا جي ٽيم سان گڏ ڄاڻايل هنڌ ڏانهن نڪري رهيا هئا.

10 ارب روپيا حيدرآباد شهر کي ڏنل آهن، جڏهن ته 3 ارب روپيا قاسم آباد کي ڏنل آهن، جي حساب ڪجي ته اها رقم 13 ارب روپيا ٿئي ٿي، ان جو حساب ڪتاب ته ٿيڻ ئي گهرجي ۽ هن ٻڏي ويل شهر جي ڪهاڻي جا پيرا کڻي ذميوار فردن يا ادارن تائين پهچڻ گهرجي، جي ائين نه ڪيوسين ته وري ٻڏڻ لاءِ تيار رهون.

پنهنجي لکڻي جي پڄاڻي آئون هن گذارش سان ڪندس ته 8 آگسٽ کان ٻيهر سنڌ ۾ وسڪارن جي اڳڪٿي ٿيل آهي تنهن ڪري بنا ڪنهن دير جي سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي هنگامي بنيادن تي اجلاس سڏائڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جي شهرن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.