[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: گهوٽڪي شهر جي روڊ رستن تان نيٺ ڪير ڪرائيندو گٽر نالن جي پاڻي جو نيڪال؟” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190804Ghotki Pkg-08.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
گهوٽڪي ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب شهر ۾ گندو پاڻي تلاءَ جا ڏيک ڏئي رهيو آهي.
شهر جي لڳاتار صفائي نه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي گٽر نالن مان پلٽڻ ڪري روڊن رستن تي بيهجي ويو ويو، جنهن ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.
شهر غلا منڊي , گهوٽا مارڪيٽ , موبائل مارڪيٽ سميت ڪيترن ئي هنڌن تي گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري شهر جا ڪيترائي علائقا ڪَني پاڻي جي ٻوڏ جي ڏيک ڏئي رهيا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪميٽي ۾ سفارش عيوض سفيد پوشن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا جڏهن ته سڄو گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي.
شهرين مڪاني کاتي جي انتظاميا کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي شهر جي صفائي سٿرائي ڪري عوام جا اهنج گهٽايا وڃن………………….