وفاقي وزير مراد سعيد جي ڪارڪردگي سامهون اچي وئي….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي هدايت تي مراد سعيد وزارت طرفان تيار ڪيل انگن اکرن ۾ چيو آهي ته هلندڙ سال مواصلات واري وزارت جي روينيو ۾ 51 سيڪڙو واڌ ٿي.

 ذريعن موجب مواصلات واري وزاتر مالي سال 19-2018 جي ڪارڪردگي بابت انگ اکر تيار ڪري ورتا جنهن جي موجب مالي سال 19-2018 جي روينيو ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 51 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ان حوالي سان دستاويز به تيار ڪيا ويا آهن.

دستاويزن موجب مواصلات واري وزارت 43 ارب 32 ڪروڙ رپيا گڏ ڪري ورتا آهن جڏهن ته مالي سال 18-2017 دوران روينيو 28 ارب 64 ڪروڙ هو، روينيو ۾ 14 ارب 68 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هو، هلندڙ سال ۾ مواصلات واري وزارت جي 2 ارب 50 ڪروڙ ماليت جي ايراضي آجي ڪرائي وئي، گرينڊ آپريشن ۾ 448 ڪنال ايراضي آجي ۽ 3 هزار 347 حددخليون ختم ڪيون ويون جڏهن ته هلندڙ سال  اي بلنه، اي ٽينڊرنگ ۽ اي بڊنگ جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا.

مواصلات واري وزير مراد سعيد جي هدايت تي مواصلات ۾ احتساب جي عمل ۾ ريڪورين جو عمل به تيز ٿيو ۽ آڊٽ  ريڪورين ۾ مواصلات واري وزارت 7 ارب 15 لک رپيا گڏ ڪيا  جڏهن ته مالي سال 19-2018 دوران مراد سعيد  ڪا به ٽي اي ڊي اي نه ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.