پ پ ميمبرن کي پيسن جي آڇ ڪئي وئي…!  بلاول جي دعويٰ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هنن جي ميمبرن کي پيسن جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هو ڪنهن جي چوڻ يا شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي پارٽي مان نٿو ڪڍي سگھي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته آئون مڪمل اعتماد سان چئي سگھان ٿو ته منهنجا سڀ ماڻهو مون سان گڏ آهن، بجيٽ ووٽنگ هجي يا سينيٽ ووٽنگ، پ پ جا 100 سيڪڙو ميمبر موجود هئا.

هن چيو ته پ پ گڏيل اپوزيشن مهم کي مڪمل اعتماد سان هلائي رهي آهي پر ميڊيا کي هڪ هدايت ڪئي وئي اهي ته انهن کي هڪ ٻئي سان ويڙهايو.

بي اعتمادي واري رٿ تي سينيٽرن جو ساٿ ڇڏڻ بابت سندس چوڻ هو ته اهي ڪنهن هڪ جماعت جا نه هوندا پر سمورين جماعتن مان سينيٽرز ٽوڙيا ويا هوندا.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن منهنجي جماعت تي الزام لڳائي رهيا آهن ته هو منهنجي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ۽ آئون سينيٽ قيادت، ميمبرن جي ذميواري کڻان ٿو.

نيشنل پارٽي (اين پي) جي سربراهه مير حاصل بزنجو طرفان قومي اداڪري لڳايل الزام تي سندس چوڻ هو ته  پ پ هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن جي ذميواري انهن سڀني الزامن ۽ سموري عمل کي ڏسڻ جي هوندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهم دوران آئون چيو هو ته منهنجي جماعت جي ماڻهن کي پيسن جي آڇ ڪئي پئي وڃي، آئون ان بابت سڀئي حقيقتون گڏ ڪري رهيو آهيان ۽ ٻين جماعتن کي به ائين نه ڪرڻ گھرجي.

هن چيو ته هر جماعت جي پنهنجي سوچ ٿي سگهي ٿي پر آئون ڪنهن جي چوڻ يا شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي به جماعت مان نٿو ڪڍي سگھان. جيستائين جاچ مڪمل نٿي ٿي ڪنهن جي خلاف ايڪشن نٿو کڻي سگھجي، پر اهو بهتر ٿيو ته سينيٽ اليڪشن هارائي ڇو جو ان سان اهي اصل چهرا سامهون آيا جيڪي پي ٽي آءِ يا ٻين جماعتن ۾ شامل ٿيا.

سندس چوڻ هو ته آئون اهڙن ماڻهن کي چاهيندو آهيان جيڪي مون سان گڏ هجن، پ پ لاءِ ضروري آهي ته هو ڪٺ پتلي حڪومت ۽ غير جمهوري قوتن تي ڌيان رکن جن اها ڌهانڌلي ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان جو ڌيان انهن جماعتن جي سينيٽرن تي گھٽ هئڻ گھرجي جن غداري ڪئي پر ان ڳالهه تي وڌيڪ ڌيان هجڻ گھرجي ته ڪهڙي طريقي سان غير جمهوري سازشون استعمال ڪندي هڪ سليڪشن ڪرائي وئي، اسان جو ڌيان ان تي هجڻ گھرجي ته 50 اپوزيشن سينيٽرن دٻاءَ، لالچ باوجود جمهوريت ۽ پارٽي سان وفاداري ڏيکاري پر 14 ماڻهن سبب سڀني تي شڪ ٿي رهيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ چونڊن ڪو مقابلو نه هو پر اهي چونڊون ته انهي ڏينهن ختم ٿي ويون هيون جنهن ڏينهن حاصل بزنجو کي نامزد ڪيو ويو هو.

سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته عام چونڊون صاف ۽ شفاف هيون انهن کي سينيٽ چونڊن ۾ پاڻ ئي نظر آيو ته حڪومت غير جمهوري سازشون استعمال ڪري حاوي ٿي وئي، پر منهنجو مقصد  اهو آهي ته هر جاءِ تي حڪومت کي بي نقاب ڪريان.

سينيٽ چونڊن تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن رڳو طاقت، عهدي جي ڳالهه آهي ته اها شڪست هئي پر سياسي سوچ رکندڙن جي اها سياسي ڪاميابي هئي ته هنن حڪومت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.

هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته سينينٽ چونڊن ۾ ڳجهي راءِ شماري جي طريقيڪار تي صدارا ٿيڻ گھرجن، اهو نه پر عام چونڊن ۾ به اپوزيشن جماعتن لاءِ اهو گھڻو ضروري آهي ته هو چونڊ سڌارن تي زور ڏين ڇو جو گذريل عام چونڊن ۾ سليڪشن ڪرائي وئي.، تنهنڪري آئون سمجهان ٿو ته صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ قانون سازي ٿيڻ گھرجي.

سنڌ حڪومت بابت هڪ سوال جي جواب سندس چوڻ هو ته 2007ع کان ڪجهه ماڻهن کي اهڪ خواب نظر آيو ته سنڌ حڪومت ويندي پر آئون بس ايترو چوندس ته سنڌ حڪومت اڄ به آهي ۽ خواب ڏسڻ وارا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.