آمريڪي صدر ڇا ٿو چاهي….؟ خبر اچي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چاهيون ٿا ته جوهري هٿيارن جي نئين معاهدي تي روس ۽ چين ٻئي ملڪ صحيحون ڪن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر چيو ته هن ان خيال بابت ٻنهي ملڪن سان ڳالهايو آهي ۽ ٻئي ان حوالي سان پرجوش آهن.

واضح رهي ته سرد جنگ جي زماني آمريڪا ۽ روس وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي انٽرميڊيٽ رينج نيوڪليئر فورس ٽريٽي (آءِ اين ايف) ۾ 500 کان 5 هزار ڪلوميٽرن (310 ميلن کان 3 هزار 400 ميل) مفاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيل جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي هئي.

ڄاڻايل معاهدي سان آمريڪا، روس تي اهو الزام لڳائيندي هٿ کڻي ويو هو ته ان نيئن قسم جي ڪروز ميزائيل نصب ڪري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن ۾ ماسڪو طرفان ترديد ڪئي وئي.

ان سوال جي جواب ۾ ته جوهري هٿيارن جي معاهدي جي خاتمي کان پوءِ هو هٿيارن جي ڊوڙ کان ڪيئن پاسو ڪندا؟ آمريڪي صدر چيو ته هنن جي انتظاميا روس سان هڪ جوهري معاهدي بابت ڳالهايو رهيو آهي ته جيئن ڪجهه کان هو بچن ڪجهه کان اسان.

سندس چوڻ هو ته اسان کي ڪٿي نه ڪٿي چين لازمي چين کي به ان معاهدي ۾ شامل ڪرڻو پوندو.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهڙي طرح معاهدو دنيا لاءِ هڪ بهترين ڪم هوندو ۽ يقين آهي ته معاهدو ٿي ويندو.

صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته چين ان بابت ڳالهائيندي گھڻو پرجوش هو، ان سان گڏ روس به ته منهنجي خيال ۾ ڪنهن نقطي تي اسان معاهدو ڪري وٺنداسين.

آمريڪا جوهري هٿيارن جو معاهدو ڇو ختم ڪيو؟

واضح رهي ته آمريڪا ڪيترن ورهين کان روس تي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي نائن ايم 729 نالي نئين قسم جو ميزائيل تيار ڪرڻ جو الزام لڳائي رهيو هو جنهن جي حمايت نيٽو به ڪئي هئي.

نيٽو موجب ميزائيل 1500 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود هدف کي نشانو بڻائي سگھي ٿو جڏهن ته ماسڪو جو موقف آهي ته اهو رڳو 480 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري سگھي ٿو.

جيتوڻيڪ هلندڙ سال فيبروري ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سر جنگ جي زماني کان روسي سان قائم هٿيارن جي معاهدي انٽرميڊيٽ رينج نيوڪليئر فورسز ٽريٽي (آءِ اين ايف) تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو جيڪو گذريل ڏينهن باضابطا طور تي ختم ڪيو ويو.

ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو هو ته روس هڪ ڊگهي عرصي کان آءِ اين ايف جي ڀڃڪڙي ڪندي ڳجهي طريقي سان اهڙو ميزائيل سسٽم تيار ڪري رهيو آهي جيڪو اسان جي اتحادي ۽ پرڏيهه ملڪن ۾ مقرر فوجين لاءِ سڌي ريت  خطرو آهي.

هن چيو هو ته آمريڪا 30 ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين ان معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪئي آهي پر رود طرفان ڀڃڪڙي تي اسان ان جي شرطن تي عمل نه ڪنداسين، اسان دنيا ۾ واحد نٿا بڻجي سگھون جيڪو هڪ طرفي طور تي ان معاهدي سان جڙيل رهي.

ان کان اڳ ڪيترن مهينن کان امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ته روس طرفان معاهدي جي ڀڃڪڙ جي تڪرار سبب آمريڪا معاهدي تان هٿ کڻ ويندو پر روس ان معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام رد ڪندو آهي.

آمريڪي اختيارين ان ڳالهه تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ته چين جيڪو 1987ع ۾ ڪيل ان معاهدي جو ميمبر ناهي، اهو ان معاهدي ۾ طئي ڪيل رينج کان وڌيڪ ميزائيل ٺاهي ايشيا ۾ فوجي فائدا حاصل ڪري رهيو آهي.

آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو بينڪاڪ ۾ علائقائي تنظيم ايسوسيئيشن آف سائون ايسٽ ايشين نيشنز (آسيان) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ آءِ اين ايف تان وشنگٽن جو باضاطا هٿ کڻندي چيو هو ته ان معاهدي جي خاتمي جو ذميوار رڳو روس آهي.

ان کان پوءِ روسي پرڏيهي وزير جو اهو چوڻ هو ته واشنگٽن معاهدي تان هٿ کڻي وڏي غلطي ڪئي، گڏوگڏ هن جو اهو به چوڻ هو ته آمريڪا روس جي مبيان ڀڃڪڙي بدران پنهنجي زاتي مفاد خاطر اعلان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.