بلاول استعيفيٰ گهري ته کيس هٿ ۾ ڏيندس: شيخ رشيد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي استعيفيٰ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته لاڙڪاڻي جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، اتي تمام گهڻو گند آهي، مراد علي شاهه کي درخواست ڪيان ٿو، کيس لاڙڪاڻي ۾ گرين بيلٽ ٺاهي ڏيان ٿو،  لاڙڪاڻي ۾ ريلوي پٽڙي تان اسڪول به هٽائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته 10 آگسٽ کان سنڌ ايڪسپريس ملتان ويندي، تيل جي قيمت وڌي وئي آهي، 10 آگسٽ کان فريٽ ٽرينن جي ريٽ ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون،  مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي،  ريلوي جي خساري ۾ چار کان پنج ارب رپيه گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ريلوي ۾ گهٽ حادثا ٿيا آهن، ايم ايل ون ٺهندي تي ريلوي حادثن کان بچي ويندي، هلندڙ سال ايم ايل ون تي ڪم شروع ٿي ويندو،  ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪٿان پئسا ملي وڃن، ريلوي مان جيڪا رقم ڪمائي رهيا آهيون اها ئي لڳائي رهيا آهيون.  هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته مريم اکيون ڏيکاري پنهنجي والد کي بچائڻ چاهي ٿي، شهباز شريف جي حضوري ڪري پٽ کي بچائڻ چاهي ٿو.  هن چيو ته فضل الرحمان کي استعيفيٰ نه ڏيندس،  بلاول مون کان استعيفيٰ گهري ته کيس هٿ ۾ ڏيندس.

Leave A Reply

Your email address will not be published.