راولپنڊي مان 29 نينگرين سان زيادتي ۽ اغوا جو جوابدار گرفتار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي پوليس پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي ننڍي عمر جي نينگرين سان زيادتي ۽ اغوا جي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس گرفتار ٿيل جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.  ايس پي راول ٽائون موجب جوابدار خلاف اغوا ۽ زيادتي جا 29 ڪيس داخل آهن، کيس ڪيسن جا فريادي ۽ شاهد جيل ۾ سڃاڻيندا. جوابدار خلاف ضلعي ميانوالي ۾ 15، ليا ۾ ست، مظفر ڳڙهه ۾ ٻه، راولپنڊي ۾ چار، اسلام آباد ۾ هڪ ڪيس داخل ٿيل آهي. جوابدار جي گرفتاري تي متاثر  نينگرين جي والدين سي پي او فيصل راڻا کي فون ڪري واقعي جي سزا ڏيڻ جي درخواست ڪئي. سي پي او والدين کي خاطري ڪرائي ته جوابدار کي قانون موجب عبرت جو نشان بڻايو ويندو. فيصل راڻا چيو ته جن متاثر نينگرين جا ڪيس داخل نه آهن تن جي وارثن کي گهرائي ڪيس داخل ڪيا ويندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.