ڀارت جو والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ28 هزار فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 28 هزار فوجي مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب ڀارت طرفان 10 هزار فوج جي مقرري هڪ هفتي کان پوءِ فوج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن موجب 280 کان وڌيڪ ڪمپنين جون  پيرا ملٽري فورسز وادي ۾ مقرر هونديون.

فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڀارتي قومي سلامي بابت صلاحڪار اجيت ديول والاريل ڪشمير جي دوري تان واپسي کان پوءِ سامهون آيو جنهن جو ڪو به سبب ناهي ٻڌايو ويو.

ذريعن موجب والاريل ڪشمير جا سڀئي اچ وڃ وارا رستا قابض ڀارتي فوج جي قبضي ۾ آهن.

واضح رهي ته گذريل هفتي ڀارت والاريل ڪشمير جي مسئلي تي هوڏ جو مظاهرو ڪندي وادي ۾ وڌيڪ 10 هزار فوجي مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين خلاف پرتشدد ڪارروائين ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوري طور تي فوج جون وڌيڪ 100 ڪمپنيون روانو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

ڀارتي گھرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته وادي ۾ انٽيليجنس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فورس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

انهن ۾ سي آر پي ايف جون 50 ڪمپنيون، بي ايس ايف جون 10، ايس ايس بي جون 10 ڪمپنيون شامل آهن.

اهڙا حڪم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان آڇ کان پوءِ جاري ڪيا ويا آهن جن ۾ هن چيو هو ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار تي ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.