رپورٽ:گمبٽ: قومي شاهراھه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ پيرسن فوت

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ:گمبٽ: قومي شاهراھه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ پيرسن فوت
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ:گمبٽ: قومي شاهراھه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ پيرسن فوت

* گمبٽ ويجهو  قومي شاهراھ تي پپري گيٽ وٽ تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب روڊ پار ڪندڙ پيرسن فوت ٿي ويو.

65 ورهين جو پيرسن پپري واسي سيد بچل شاھ  ٿڏي تي ئي  چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، اطلاع تي گمبٽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش کڻائي گمس اسپتال منتقل ڪري ضروري قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

فوتي پيرسن جو مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي سندس گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏهن ته حادثو ڪندڙ ڊرائيور ٽرالر  ڇڏي فرار ٿي ويو، گمبٽ پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي  رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي……………..

******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.