رپورٽ:مدئجي: ڏهڪاءَ جو نشانو بڻيل نينگري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ:مدئجي: ڏهڪاءَ جو نشانو بڻيل نينگري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/201918Madeji.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

*مدئجي ۾ سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران ڏهڪاءَ جو نشانو بڻيل نينگري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سيد عبدالله شاهه ، عبدالغفور کوسو  ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو ..

اڳواڻن  چيوته ڳوٺ الله بخش کوسو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ وحشي جوابدار پاران 8 جي نينگري ثمعيه ڌي بدرالدين کوسو کي جنسي ڏاڍائي  جو نشانو بڻايو هو جنهن جي ڪيس کي داخل ٿئي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود هن مهل تائين نئون امروٽ پوليس جوابدار محبوب عرف بابو بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ناهي سگهي.

,هنن چيوته پوليس گرفتاري جي بهاني جوابدار جي ڳوٺ وڃي صرف دعوتون کائي واپس موٽي اچي ٿي پر هن مهل تائين پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي

,هنن چيوته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد لکين روپيا رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو آهي.

هنن چيوته جوابدار جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو,هوڏانهن ڌرڻي جي ٻن ڪلاڪن بعد ايس ايڇ او نئون امروٽ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن اندر جوابدار جي گرفتاري جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ٽرئفڪ بحال ڪرائي……………………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.