[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ:ڀريا سٽي:بيگناهه عورتون ظلم جو شڪار … انصاف جو انتظار ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/201918BiyaCity.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
*ڀريا سٽي پوليس ۽ بااثرن جي ظلمن جون ستايل ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڳوٺ منڊايرو واسڻ عورتون دانهون ۽ فرياد کڻي پريس ڪلب ڀريا سٽي پهچي ويون
ضلعي قمبر شهداد جي ڳوٺ منڊا ڊيرو جي رهواسڻ عورتن مسمات صاحبان، مسمات شريفان، مسمات آسيا ، مسمات امامزادي ۽ ٻين پريس ڪلب ڀريا سٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
صاحبه بروهي ٻڌايو ته زمين جي تڪرار تان هاشم ۽ الله بخش بروهي ۽ مولا بخش ۽ عبدالنبي بروهي وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهي پر سندن ڪنهن به ڌر سان واسطو ناهي
هن ٻڌايو ته منڊو ڊيرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سعيد ڏهر بلاول بروهي ۽ اعظم بروهي وارن جي فرياد تي خون جي ناحق ڪيس ۾ منهنجي والد محمد عاقل بروهي محمد اسحاق بروهي، گل حسن ، اسماعيل، غلام مصطفي ۽ قادر بروهي کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
عورتن ٻڌايو ته پوليس ڪاهه ڪري سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ، لکين روپين جا سونا زيور نياڻين جي ڏاجن جو سامان روڪ رقم ٽريڪٽر اناج ساريون ۽ ٻيو سامان ڦر لٽ بعد کڻي ويا
هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي
*گهارو ۾ ويلڊنگ جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نوجوان پورهيت بلال جاکرو بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
فوتي نوجوان گل منڊا جي علائقي جو رهائشي هو. رورل هيلٿ سينٽر گهارو مان پوسٽ مارٽم بعد وارث سندس مڙھ ڳوٺ کڻائي ويا.
نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته علائقي جو ماحول پڻ سوڳوار بڻجي ويو ………………………..