ڪَٽُ ۽ کاري پاڻي مان بجلي ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اسان کي خبر آهي ته کارو پاڻي فولاد کي به ڪَٽُ لڳائي ڇڏيندو آهي پر هاڻ ٻنهي کي گڏائي بجلي ٺاهي سگھجي ٿي.

ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي (ڪيل ٽيڪ) ۽ نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي انجينيئرن دريافت ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪَٽُ لڳل چادر تي کارو پاڻي وهايو وڃي ته بجلي جو معمولي مقدار پيدا ٿيندو آهي. ان کان اڳ گراافين تي کاري پاڻي سان بجلي ٺاهڻ جو تجربو ٿي چڪو آهي پر گرافين جي ڀيٽ ۾ ڪَٽُ ڇڙهيل سطح تي بجلي گھڻي سولائي سان ٺاهي سگھجي ٿي.

واضح رهي ته بيٽرين ۾ عام طور تي لوڻ گڏائي ڀريو ويندو آهي. ان ڪري کاري پاڻي وارا ننڍا ليمپ ۽ ننڍا بجلي گھر به ٺاهيا ويندا آهن.

پر اهو نئون نظام هڪ مختلف اصول تي ڪم ڪندو آهي. ان ۾ ڪيميائي ري ايڪشن بدران برقي اليڪٽروڪائينيٽڪ اثر ذريعي بجلي پيدا ٿيندي آهي. يعني جڏهن کاري پاڻي کي ڪَٽُ لڳل چادر تان گذرندو آهي ته ان جي حرڪت سان بجلي پيدا ٿيندي آهي.

بنيادي طور تي لوڻ ۾ موجود آئن ڪَٽُ جي اليڪٽروڊ کي ڇڪيندا آهن.  جيئن ئي لوڻ وارو پاڻي ۽ ان جا آئن وهندا آهن ته ان جي حرڪت سان بجلي پيدا ٿيندي آهي.

بنيادي طور تي لوڻ ۾ موجود آئن ڪَٽُ تي موجود اليڪٽرون کي ڇڪيندا آهن. جيئن ئي کارو پاڻي ۽ ان جا آئن وهندا آهن ته اهو ڪَٽُ مان اليڪٽرونس کي ڇڪيندا آهن ۽ بجلي ٺهڻ شروع ٿي ويندي آهي.

هموار انداز ۾ زنڪ واري سطح ٺاهڻ  لاءِ ماهرن هڪ جديد طريقو فزيڪل ويپر ڊيپوزيشن (پي وي ڊي) استعمال ڪيو. ان سان 10 نينو ميٽر ٿلهي زنڪ جي هموار چادر ٺهي. ان کان پوءِ مختلف شدت جي لوڻ کي ان تان گذاريو ويو.

شروعاتي طور تي ڪجهه ملي وولٽ جي برابر بجلي پيدا ٿي جڏهن ته في چورس سينٽي ميٽر تي ڪجهه مائڪرو ايمپيئر ڪرنٽ ٺهيو. هاڻ ان جو پيمانو وڌايو وڃي ته 10 چورس ميٽر ڪَٽُ لڳل چادر تي کاري پاڻي کي گذارڻ سان ڪجهه ڪلو واٽ في ڪلاڪ بجلي پيدا ڪري سگھجي ٿي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان سان نه رڳو سمنڊ ڪناري بجلي گھر ٺاهي سگھجن ٿا پر پاڻ انساني جسم ۾ موجود نمڪيات مان به بجلي ٺاهي سگھجي ٿي جيڪا جسم جي اندر موجود ننڍن اوزارن کي بجلي فراهم ڪندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.