چيئرمين ۽ ڊپٽي سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ اڄ ٿيندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا کي عهدي تان هٽائڻ جي ٺهرائن تي ووٽنگ اڄ ٿيندي.  مخالف ڌر طرفان سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿي چڪي آهي. حڪومت ۽ اتحادين پ پ سان تعلق رکندڙ ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي. مخالف ڌر سمجهي ٿي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي جڏهن ته حڪومت کي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا تي اعتماد نه رهيو آهي. منجهندي ٻه وڳي شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ سينيٽ ۾ اعتماد جي وڏي جنگ اڄ ٿيندي جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جو نمبر گيم جي بنياد تي ٽڪراءُ ٿيندو پر اهڙي جنگ کان اڳ ئي سياسي گرما گرمي عروج تي آهي ۽ ٻنهي پاسن کان عددي اڪثريت جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. سياسي گرما گرمي ۾ ٻنهي پاسن کان عددي اڪثريت ظاهر ڪرڻ لاءِ سينيٽ ميمبرن جي گڏجاڻي، ڪارنر گڏجاڻي، ناشتي، مانجهاندا ۽ آجياڻا ڏنا پيا وڃن.  مخالف ڌر صادق سنجراڻي جي جاءِ تي مير حاصل بزنجي کي سينيٽ چيئرمين کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.