صوبائي وزير تعليم جا واعده وفا نه ٿيا!

يوسف جميل لغاري

ڪجھھ ڏينهن پهريان تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ طرفان تمام تڪڙا ۽ تُرت عمل ڪرڻ جهڙا بيان جاري ڪيا ويا. جن کي ٻڌي ڪري اهو تاثر ملي رهيو هو ته هاڻ تعليم کاتي ۾ موجود اُستادن جي کوٽ جي پورائي ٿيندي ۽ ڪو به اسڪول استاد کان خالي نه هوندو.

تعليم جي صوبائي وزير جو اِهو چوڻ پڻ هو ته نون استادن جي ڀرتي واري مرحلي کي تمام کان تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. انهي ڏس ۾ سيد سردار شاھ سڀني ڊاريڪٽرن کي اِهو حڪم پڻ جاري ڪيو هو ته پهرين آگسٽ تائين آئون نون استادن کي اسڪولن ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان.

سندس انهن بيانن جي اچڻ کان پوءِ به تعليم کاتي حڪومت سنڌ ۾ ڪا به اڳڀرائي نظر نه آئي. نون استادن جي ڀرتي وارو مرحلو ساڳي ئي نموني سست روي جو شڪار رهيو. ڪن ضلعن ۾ اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال وارو مرحلو مڪمل ٿيو ته وري ڪٿي ڪن ضلعن ۾ اهو مرحلو اڃا شروع ئي ڪونه ٿيو آهي جهڙوڪ لاڙڪاڻو ضلعو. جنهن سبب پوري سنڌ اندر ماستري جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار هڪ عجيب قسم جي مونجهاري ۾ مبتلا نظر اچن ٿا.

تعليمي ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جي باوجود به سنڌ جي اسڪولن جي مجموعي طور صورتحال انتهائي تشويش ناڪ آهي. ڪٿي اُستادن جي کوٽ آهي ته وري ڪٿي گهربل سهولتن جي کوٽ آهي. سهولتن جي اڻاٺ سبب جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي. اهو نقصان وري به شاگردن جي حصي ۾ اچي ٿو. هڪ طرف تعليم جو خانگي نظام پوري تعليمي سرشتي کي متاثر ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف سنڌ سرڪار جي غير سنجيدگي سنڌ جي تعليم کي نقصان ڏئي رهي آهي.

هر روز گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ نوان بيان ڏيڻ سان تعليم ڪڏهن به بهتر نه ٿي سگهندي. ضرورت آهي حقيقت جي بنياد تي عملي قدم کڻڻ جي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار چاهي ته سنڌ جي تعليم کي ٿوري ئي عرصي ۾ بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ ڪي ڪارڳر اُپاءُ وٺي سگهي ٿي. ليڪن انهي جي برعڪس صرف سياسي بيانن ۽ گڏجاڻين سان اهو تاثر ڏنو ٿو وڃي ته اسان تعليم طرف سنجيده رويو رکون ٿا.

هن وقت سنڌ مان سکر آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ست هزار مرد توڙي عورت اميدوار تعليم کاتي جي اعليٰ عهديدارن ڏانهن واجهائي رهيا آهن ته کين ڪنهن مهل آفر آڊر ڏنا ويندا ۽ سندن ڀرتي وارو مرحلو شروع ٿيندو. ڇو ته هن وقت سنڌ اندر اسڪولن ۾ اُستادن جي کوٽ شدت اختيار ڪري چُڪي آهي ۽ انهي کوٽ سبب تعليم جو عمل به متاثر ٿي رهيو آهي.

تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ ٻين تعليمي بالا آفيسرن کي استادن جي انهي کوٽ جي پورائي لاءِ سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ۽ سگهو ئي ترت عملي قدم کڻي ڪري انهي کوٽ جو پورائو کرڻ کپي ته جئين اسان جو معاشرو زوال پزير ٿيڻ بجاءِ ترقي طرف هڪ قدم کڻي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.