محمد عامر ايسيڪس جي نمائندگي لاءِ تيار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) محمد عامر جو ويزا مسئلو حل ٿي ويو ۽ ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ خميس ڏينهن ايسيڪس طرفان ايڪشن ۾ نظر اچڻ لاءِ تيار آهي.

ورلڊ ڪپ کان پوءِ انگلينڊ ۾ ئي رهجي ويل محمد عامر ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ٽورنامينٽ ۾ ايسيڪس جي نمائندگي جو خواهشمند هو، هن جو معاهدو سڄي ايونٽ لاءِ هو، ٽيم طرفان هن جي زبردست آجيان به ڪئي وئي پر ان کان پوءِ اندازو ٿيو ته پيسر ۽ ڪائونٽي ٽيم ٻنهي ويزا جي معاملي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي.

ميگا ايونٽ ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي لاءِ حاصل ڪيل ويزا تي هو ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ شريڪ نه ٿي سگھيو هو، هن انگلينڊ جي گھرو وزارت سان رابطو ڪندي درخواست به ڏني پر ڪارروائي ۾ وقت لڳي ويو، ايسيڪس پنهنجي اهم بالر کان سواءِ  ئي ٽن ميچن ۾ حصو ورتو، هاڻ محمد عامر کي ورڪ ويزا ملي وئي ۽ هو خميس ڏينهن هيمپشائر خلاف ميچ ۾ ايسيڪس جي ٽيم جو حصو هوندو.

فاسٽ بالر به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي چيمسفورڊ ۾ پنهنجي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته “ڪم تي واپسي“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.