حڪومت ماني سستي ڪري ڇڏي…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نان ۽ ماني جي 30 جون واري قيمت بحال ڪرڻ جي قدمن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن کي نان ۽ ماني جي قيمت 30 جون جي سطح تي بحال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.

نان ڪمرشل تندور لاءِ گئس ٽيرف به 30 جون جي سطح تي بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت تندور جي گئس ڪنيڪشن لاءِ هڪ ارب 51 ڪروڙ رپين جي سبسڊي ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.