رپورٽ: گولاڙچي: سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿيو، 12 ڳوٺ پاڻي هيٺ

[zoomsounds_player artistname=”رپورٽ: گولاڙچي: سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿيو، 12 ڳوٺ پاڻي هيٺ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/2019317Golarchi Pkg-12.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

گولاڙچي  ويجهو امير شاهه سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته پاڻي 12 کان وڌيڪ  ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو آهي، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن.

امير شاهه سم نالي  کي  ڪالهه لڳل  گھارو بند نه ٿي سگهيو آهي  گھاري جو پاڻي ڳوٺ آسيلي ميمڻ سميت ٻارنھن ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو

،ڳوٺاڻا پنھنجن اٻاڻن ڪکن کي ڇڏي لڏ پلاڻ ڪري ويا،پنج کان وڌيڪ گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن جڏهن ته ،گھاري سبب سوين ايڪڙن تي ٻيٺل ساريالو فصل لڙھي ويو.

ڳوٺاڻن ڪراچي بدين مين روڊ تي اعجاز چانڊيو،صفدر چانڊيو،سليم سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھڻي ڪيترن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي،

ڊپٽي ڪمشنر بدين حفيظ سيال ۽ صوبائي وزير اسماعيل راھو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي  متاثرين سان ملاقات ڪري گھاري واري ھنڌ جو معائنو ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر گولاڙچي کي گھارو بند ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.