اسان کي نه کپي نئون پاڪستان

شاھ محمد لغاري

تبديلي سرڪار جي تبديلي لوٽن کان شروع ٿي هالينڊ جي سائيڪل کان ٿيندي آنن، ڪڪڙين، ٻڪرين ڪٽن ۽ IMF جي خودڪشي تائين پهچي وئي آهي پر عوام کي ڪو به رليف نه مليو اسان کي نه کپي اهڙي تبديلي اسان کي نه کپي اهڙو نئون پاڪستان جتي بدآمني جو راڪاس عوام کي جيئڻ کان مايوس ڪري ڇڏي. هن ملڪ ۾ هڪ سال اندر پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ غريب جيڪي ابن ڏاڏن کان پنهنجي گهرن ۾ ڏکي سکي زندگي گزاري رهيا هئا انهن کي غريبن کي بي گهر ڪيو ويو جيڪي ننڍا ننڍا ٽيبل رکي روزگار ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا انهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي نه کپي اهڙو نئون پاڪستان جتي انسان ته انسان جانور به سک جو ساهه نه کڻي سگهي هر ضلعي هر شهر ۾ بدآمني جو عروج ٿي ويو آهي غريب مسڪين گهر هلائڻ لاءِ اڳ ئي پريشان هو مٿان وري بدآمني جو راڪاس غريبن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي غريب ماڻهون ڏينهن جو پاڻي جي ڳولا ۾ رات جو بجلي جي ڳولا ۾ پريشان ٿي ويو آهي. غريب طبقو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کي منهن ڏي يا بدآمني کي منهن ڏي غريب وڃي ته ڪيڏانهن وڃي سادگي جا مثال ڏيندڙ پاڻ عياشيون ڪن ٿا قانون رڳو غريب طبقي لاءِ آهي ته ٽيڪس ڏيو هڪ ماني کائو بجلي جا ٻيڻا بل به ڏيو روڊن جا ٽيڪس به ڏيو گهر جو ٽيڪس ڏيو شادي گمي خوشي جا ٽيڪس به رڳو غريبن لاءِ لازم ڪيا ويا آهن رڳو غريب عوام لاءِ قانون آهي هن تباهي ۽ بربادي جي ذميوار حڪومت آهي هن حڪومت ته پاڪستانين کي مديني جي ٽڪيٽ ڏکاري ملڪ کي ڪوفي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي اصل ڳالھه اها آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف هجي يا پيپلزپارٽي، ن ليگ هجي يا ٻيون پارٽيون سڀ اقتدار جا بکيا ورڪ دوران هڪ ٻي کي گاريون ڏيندا آهن ۽ اقتدار ۾ اچڻ بعد هڪ ٻئي کان سياسي انتقام وٺي عوام کي بيوقوف بڻائيندا آهن اصل ۾ ڪو به عوام لاءِ نٿو سوچي اسان کي اڃان به ياد آهي ته ڪنٽينرن تي بيهي عمران خان چيو هو ته جڏهن ڊالر،گيس بجلي پيٽرول مهانگو ٿي وڃي ته سمجهو ملڪ جو وزيراعظم چور آهي نااهل حڪمران ان عطائي ڊاڪٽر جيان آهي غريب ڀلي مري وڃي ته مري وڃي رڳو منهنجو گهر هلي جڏهن ملڪ نٿو هلي توهان کان ته گهر وڃون ڇو غريب جي پويان پيا آهيو عمران نيازي چيو هو ته زرداري ۽ نوازليگ انهن جي پوري ڪابينا چور آهي جيڪڏهن چور آهي ته اها ڪابينا توسان گڏ ٿيڻ بعد ڪئين پاڪ ٿي وئي انهن کان حساب ڪير وٺندو جيڪي ايم پي اي، ايم اين اي مشرف سان گڏ هئا وري نوازليگ سان پ پ سان اڄ پي ٽي آءِ ۾ اچي ويا هاڻي ڪيئن حاجي بڻجي ويا اهيو آهي نئون پاڪستان جنهن ۾ سرون ساڳيون پراڻيون، يوٿيا فيس بڪ تي مثالون ڏيندا هئا ته نئون پاڪستان ٺهندو تبديلي ايندي امن ٿيندو غريب ته غريب پر وزير اعظم به پاڻ وزيراعظم هائوس سائيڪل تي ويندو عمران نيازي پاڻ ته سائيڪل تي آفيس نه ويو باقي عوام کي سائيڪل هلائڻ کان به محروم ضرور ڪندو ڇو ته عوام هاڻي سائيڪل به نٿو وٺي سگھي متان سائيڪلن تي به ٽيڪس نه لڳي وڃي پاڪستان ۾ هر شئي کي ڄڻ بريڪ اچي وئي آهي. هاڻي چون ٿا ته ڊالر ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿيندو پيو وڃي ۽ رپيو سستو ٿيندو پيو وڃي پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي شيون غريبن جي ضرورت جون آهن جيڪي پاڪستان ۾ ٺهن ٿيو انهن جو ڊالر سان ڇا وڃي ڇا کنڊ ٻاهرين ملڪن مان ڊالر تي اچي ٿي جو 45 واري 80 تي پهچي وئي آهي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي تبديلي جي آسري زنده باد مرده باد ۾ پوري آهي ۽ باقي ڪجھه عوام خودڪشي جي سوچ ۾ آهي جڏهن ته ڪيترن ئي غريب مردن توڙي عورتن خودڪشي ڪري هن عذاب کان آجا ٿي ويا اڳتي ڇا آهي اهو الله پاڪ ٿو ڄاڻي پر هن ملڪ ۾ به عذاب کان گهٽ ناهي جتي عدل انصاف نه هجي اهو ملڪ عذاب کان گهٽ ناهي جنهن ملڪ ۾ ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ ڪڪڙيون پالڻ ۽ آنا کپائڻ واري قومي معاشي پاليسي آندي وڃي، جنهن ملڪ ۾ ناڻي جو وزير پاڻ چور هجي جنهن ملڪ ۾ ايڊز کي معمولي مرض سمجهيو وڃي، اُتي کاڌخوراڪ فروٽ يا سموسو ڇا پر ماڻهن جو ملھه به ڊالر جي چڙهڻ ۽ لهڻ سان طئي ٿيندو ھوندو مهانگائي جي خبر غريب کي آهي هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي کي غريب طبقو منهن ڏي ٿو باقي حڪمران چونڊيل نمائيندن ، تاجرن، ڀوتارن کي مهانگائي جي ڪا به خبر ناهي ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ ٻين جي آڻين ۽ چاڙهين واري ڪرت سان سلهاڙيل آهن، عمران نيازي جي سياست اڳين حڪومتن کان به ڪوڙ ۾ اڳتي نڪري وئي تبديلي جو سفر ” اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ ” کان شروع ٿي ” ان الله مع الصابرين” کان ٿيندو “” إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ ” تي وڃي ختم ٿيندو جيڪڏهن عمران خان چار سال اڃا به وزيراعظم رهيو ته سڀ شيون ڊانوا نڊول ٿي وينديون ملڪ ۾ خانا جنگي شروع ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.