پاڪ پتن ايراضي ڪيس ۾ نواز شريف کان جيل ۾ آڏي پڇا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان سوا ڪلاڪ جاچ ڪئي ۽ 15 سوالن تي ٻڌل سوالنامو سندس  حوالي ڪيو. ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن ساهيوال جي چار رڪني ٽيم ڪوٽ لکپت جيل لاهور پهتي ۽ پاڪ پتن ايراضي ڪيس ۾ نواز شريف کان جاچ ڪئي. جاچ ٽيم 1985ع جا ڪاغذ نواز شريف سامهون رکيا ۽ تفصيلن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ته نوا زشريف چيو ته 34 سال پراڻا ڪاغذ آهن مون کي ڪابه ڄاڻ ناهي. جاچ ٽيم سوال ڪيو ته الاٽمينٽ لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏنو هو، زمين ڪهڙي بنيادن تي ديوان قطب کي الاٽ ڪئي وئي ۽ ڪهڙن آفيسرن کي الاٽمينٽ جو حڪم جاري ڪيو ويو؟  نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر ساڳيو جواب ڏنو ته تمام گهڻو پراڻو ڪيس آهي مون کي ڪجهه ياد ناهي مان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون هيون پر تفصيل ياد نه آهن، مان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ئي پنهنجو ڪم ڪيو، ڪڏهن به اختيار نه اورانگهيا آهن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي. اينٽي ڪرپشن جي ٽيم بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ جيل مان رواني ٿي وئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.