مشهور پاڪستاني يوٽيوبر عمرخان تي به هراساني جو الزام

ورثا پيرزادو

پاڪستاني انڊسٽري ۾ هيش ٽيگ مي ٽو جي مهم گهڻي هلي پر هي ڪيس هيش ٽيگ مي ٽو جي ذريعي ناهي آيو.هن ڪيس ۾ هڪ مداح پنهنجي انسٽاگرام تي عمر خان بابت راءِ ڏيندي چيو ته ”هن مشهور يوٽيوبر مونکي انسٽاگرام تي ريڪوئيسٽ موڪلي جيڪا آئون ايڪسيپٽ ڪئي ۽ پوءِ ميسيجز ذريعي ان وڻندڙ ڳالهائڻ شروع ڪيائين مون هن کي جواب نه ڏنو جنهن تي هن مونکي ان فالو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ ڏسو هن وري مونکي ريڪوئيسٽ ڪئي آهي“ هن پوسٽ انسٽاگرام تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو پوءِ وري ٻيون عورتون به سامهون آيون اهو چوندي ته هن مون سان به ايئن ڪيو ڪنهن ته اهو به چيو ته عمر هن سان زيادتي ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي.

هيءَ اها پهرين انسٽاگرامر آهي جنهن عمر خان بابت پوسٽ ڪئي هاڻي هن اها پوسٽ پرائيويٽ ڪري چڏي آهي ڇو جو ڪجهه ڇوڪريون آهن جيڪي ميڊيا ۾ سامهون نٿيون اچڻ چاهين.هن ڇوڪري پوءِ پوسٽ ڊليٽ به ڪري ڇڏي.هيٺ ڪجهه ٻين به هن بابت راءِ ڏني.

هن وقت تائين جي وڏي اسٽيٽ مينٽ هيءَ سامهون آئي آهي

ڪجهه ڇوڪرين ان کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي انڪشاف ٿيا جيڪي هيٺ ڏنل آهن.

مٿين لنڪ تي وڃي اهو پڙهي سگهجي ٿو ته عمر خان جي شخصيت ۾ خلل آهي.هن ڪنهن شي جو لحاظ ڪرڻ بنا هر فين کي اڻ وڻندڙ ميسيج موڪلڻ شروع ڪيا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سچ سامهون اچي ويو ۽ هاڻ هو پاڻ کي بچائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي ٻين دوستن کي مدد لاءِ چئي رهيو آهي.

ڪيترن ٻين يوٽيوبرس پڻ ان ڳالهه جي مذمت ڪئي ۽ ڪيترائي خاموش تماشائي بڻيل آهن.هن وقت انٽرنيٽ ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي آهي.

هڪ پاسي عمرخان کي معصوم ثابت ڪرڻ وارا آهن جڏهن ته ٻي پاسي کيس گنهگار ثابت ڪرڻ وارا آهن.ان سڄي ڪهاڻي جو هڪ نتيجو اهو به نڪتو ته عمر خان جا فالو ورز وڌي ويا آهن. جن جو انگ  247K کان وڌي  295K ٿي ويو آهي .ان مان اهو ثابت نٿو ڪري سگهجي ته هو مجرم ناهي .

هڪ حقيقت واري ڳالهه اها به اهي ته هراسان ڪرڻ جو ڪو ثبوت ناهي هوندو پر جيئن ته کوڙ عورتون يا ڇوڪريون سامهون آيون آهن ۽ ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ڳالهه ۾ سچائي نه هوندي.

ان کان پوءِ جن مشهور شخصيتين سندس ساٿ ڏنو انهن ۾ پاڪستان جي سياحت ڪرڻ واري ايوا زو بيڪ ۽ پاڪستاني اداڪارا انوشي اشرف شامل آهن جڏهن ته مخالفت ڪندڙن ۾ ايمان سليمان، رحمت اجمل، زارا پيرزادا، سحيفا جبار خٽڪ،عرفان جوڻيجو ۽ ڪومل عزيز خان شامل اهن.

هي سڀ پاڪستاني انڊسٽري جا مشهور نالا آهن.انهن رڪورڊنگ جا ثبوت ڏئي اهو به چيو ته اسڪرين شوٽس نقلي ٿي سگهن ٿا پر رڪارڊنگ ڪڏهن به ڪوڙي نه ٿيندي.انهن مشهور اداڪارن اهو به چيو ته شهرت کي غلط طريقي سان استعمال نه ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪري ته اهو سزا جو حقدار آهي.

ان کان پوءِ عمر خان ڪجهه اسٽوريز پوسٽ ڪيون

جنهن کان پوءِ ڪجهه يوٽيوبر تيمور صلاح الدين (مورو) چيو ته ڪنهن تي به ائين الزام لڳائڻ درست عمل ناهي ان ڪري عوام کي انتظار ڪرڻ گهرجي ۽ جيستائين  ٻنهي پاسن جا ثبوت سامهون نٿا اچن.

عمر خان اڃا پهنجا ثبوت ناهن ڏنا. باقي عمر خان جي خلاف هڪ کان پوءِ ٻي ڇوڪري ثبوتن سان سامهون ٿي اچي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جيئن ان ڳالهه ۾ حقيقت نڪتي ته عمر خان جو ڪيرئير مڪمل طور تي تباه ٿي ويندو ۽ هو ان شيءِ کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سوشل ميڊيا کان ڪا به ڳالهه ڳجهي ناهي ان ڪري ڪوڙ گھڻن ڏينهن تائين لڪي به نٿو سگهي. پر پوءِ به انتظارآهي ته عمر خان پنهنجي صفائي ۾ ڪهڙا ثبوت پيش ڪندو.

24 جولاءِ تي عمر خان هڪ وڊيو يوٽيوب تي اپلوڊ ڪيو هو جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته آئون سڀ ڳالهيون صاف صاف ماڻهن جي سامهون رکندم.

هن وڊيو ۾ اهو چيو ته اسان مزاڪ مستي ۾ فلرٽ ڪندا آهيون جيڪوغلط ناهي جو ان سان ڪنهن جي عزت نفس مجروح نه پئي ٿئي پر انهن ذاتي ۽ پرائيويٽ چيٽ کي ماڻهو ليڪ ڪري رهيا آهن ڇو جو انهن جو مقصد ڪنهن مشهور شخصيت  کي بدنام ڪرڻ آهي.عمر خان ٻي اها ڳاله ڪئي ته اهي سڀ private conversations هن وٽ پيون آهن ۽ هو سڌو FIA  ۾  شڪايت درج ڪرائڻ ويو ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هو ڪنهن عورت يا ڇوڪري کي ايئن بدنام نٿو ڪري سگهي جو ان جو نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو عمر خان سان ٿيو.

هن وقت هن جا دوست ۽ رشتيدار هن کان پري ٿي ويا آهن ۽ هن تي sexual predator نالي سان سڏي رهيا آهن جنهن سان هن جي شخصيت تي خراب اثر پيو آهي ۽ ٻيو هن جو ڪيريئر به تباه ٿي ويو آهي.

عمر خان اها ضرورت سمجهي ته هڪ وڊيو ذريعي پيغام ڏجي جو هي دور ڊجيٽل دور آهي. جتي ان جا فائدا آهن اتي ان جا نقصان به آهن ۽ پنهنجي وڊيو جو عنوان به هن پاڻ UKHANO EXPOSED  هنيو آهي ته جيئن ماڻهن توجه ڏيئن.

هتي توهان کي هڪ ٻي مشهور يوٽيوبر جو به ٻڌائيندا هلون جنهن عمر خان جي خلاف انسٽاگرام تي اسٽوري وڌي Awesomo speaks معني رضا سمو، هن مشهور يوٽيوبر چيو آهي ته هن وائرل ڪيس تي مونکي حيران ان ڪري ناهي ٿيو جو اهڙو هڪ واقعو مونکي پاڻ کي خبر آهي جيڪو ماڻهن جي سامهون ٻڌائڻ چاهيان ٿو.

هن ٻڌايو ته عمر خان هڪ ڇوڪري کي يونيورسٽي واري دور ۾ ٿيسس لاءِ گهرائي زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ هن ڇوڪري اها ڳالهه هڪ سال اڳ رضا سمو کي ٻڌائي جنهن تي هن ڇوڪري کي چيو اهڙا ماڻهو دنيا ۾ هزارين آهن.اها ڇوڪري رضا سمو جي سٺي دوست آهي.ان ڪري ڪو ايڪشن نه ورتو ويو پر هاڻ جڏهن اهو ڪيس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي ته اها ڪهاڻي  ٻڌائڻ غلط نه هوندي ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ به اها ڳالهه هجي.

عمر خان ان ڳالهه جو ڪو به جواب نه ڏنو ۽ پنهنجي وڊيو ۾ ان بابت ڪجهه به نه چيائين جنهن تي سڀ انتظار ۾ آهن ته ڇا ان واقعي ۾ حقيقت آهي يا نه.

مردن کي expose  ڪرڻ جو به  ٽرينڊ هلي رهيو آهي جنهن ۾ هن وقت مشهور اداڪار محسن عباس ۽ مشهور ڪرڪيٽر امام الحق سامهون آيا آهن ذريعن موجب هاڻ هڪ مشهور MPA به جلد expose  ٿيڻ وارو آهي.

منهنجي نظر ۾ ماڻهن لاءِ اها هڪ طرح جي تفريح ٿي وئي آهي جيڪا صحيح ناهي ڇو جو ڪنهن کي حراسان ڪرڻ غير اخلاقي عمل آهي ۽ حراسان ڪرڻ وارو هڪ طريقي سان مجرم ٿي وڃي ٿو.ڪنهن تي ڪوڙو الزام مڙهڻ ته هن حراسان ڪيو آهي بلڪل به صحيح ناهي.ان سان ڪير معصوم ماڻهو پنهنجي خاندان سان نظرون نٿو ملائي سگهي ۽ ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون آيا آهن جن ۾  صرف هڪ غلط يا ڪوڙي الزام جي ڪري ماڻهن خودڪشي ڪئي آهي.

ان ڪري آئون عورتن ۽ ڇوڪرين کي اها اپيل ڪنديس ته حقيقت تي ٻڌل الزام لڳائن جيئن اصلي مظلوم سامهون اچڻ کان نه ڊڄي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.