ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا کي اداڪار ارباز خان سان طلاق ٿيڻ بعد پاڻ کان عمر ۾ ڪيترائي سال ننڍي اداڪار ارجن ڪپور سان لاڳاپا رکڻ سبب سوشل ميڊيا تي کيس اڪثر سخت تنقيد سان منهن ڏيڻو پوندو آهي.
ڪو اداڪارا تي ارباز خان کان ڌار ٿيڻ ڪري سندس مٿان تنقيد ڪندو آهي ته ڪو وري کيس پاڻ کان ننڍي اداڪار سان لاڳاپا رکڻ تي برو ڀلو چوندو آهي پر ملائڪا اروڙا موجب هن کي ماڻهن جي تنقيد سان ڪو به فرق ناهي پوندو ۽ هن جو مڃڻ آهي ته محبت ۾ سڀني کي ٻيو موقعو ملڻ گھرجي.
تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا جو چوڻ هو ته محبت ۾ ٻيو موقعو هر ڪنهن جو حق آهي ۽ ماڻهن کي کليل ذهن سان ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ گھرجي.
هن ارجن ڪپور سان لاڳاپا ڳجها رکڻ بابت چيو ته اهڙي لاڳاپي کي سدائين تنقيد سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، ماڻهن کي هاڻ هر ڳالهه سمجهائڻ گھرجي، اسان جي ملڪ ۾ اهڙن رشتن کي خبر ناهي ڇو غلط سمجهيو ويندو آهي، سڀني کي پنهنجي سوچ وڏي رکڻ گھرجي.
سندس چوڻ هو ته مون کي پاڻ کان ننڍي اداڪار سان لاڳاپا رکڻ تي ٿيندڙ تنقيد سان ڪو به فرق نٿو پوي، جڏهن ته منهنجي اسٽائل تي ٿيندڙ ڳالهين کي به آئون نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهيان، آئون تنقيد ڪندڙن کي گھڻي اهميت ناهيان ڏيندي.