ميڪال ذوالفقار ثنا جاويد جو هيرو بڻبو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار ميڪال ذواالفقار هڪ پوءِ هڪ وڏن پراجيڪٽن جو حصو بڻجندي پاڪستاني ٽيلي ويزن انڊسٽري جي سڀ کان وڏن اداڪارن مان هڪ بڻجي چڪو آهي.

گذريل سال اداڪار ”خسارا“ نالي ڊرامي ۾ شاندار ڪاڪردگي سبب سڀني جون دليون کٽي ورتيون هيون، جڏهن ته هاڻ هن مشهور اداڪارا ثنا جاويد سان گڏ هڪ ڊرامو ”زرد بهار“ سائن ڪيو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ ميڪال ٻڌايو ته منهنجي ڪردار جو نالو سلمان هوندو، جيڪو ڪمرشل ايئر لائين جو پائلٽ هوندو، هو سميرا نالي ڊاڪٽرياڻي سان محبت ڪندو آهي، جنهن جو ڪردار ثنا جاويد نڀائي رهي آهي، اها هڪ دلچسپ رومانوي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ گھڻا لاها چاڙها ايندا.

اداڪار موجب اهو ڊرامو هڪ خاص موضوع تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ثنا جي ڪردار سان هڪ اهڙو واقعو پيش ايندو، جيڪو آئون شيئر نٿو ڪري سگھان، انهن ٻنهي ڪردارن جي رومانوي  ڪهاڻي ۾ گھڻا چئلينج به ايندا، هنن جي شادي ٿيڻ کان پوءِ به سڀ ڪجهه جلدي ٺيڪ نه ٿيندو.

ميڪال ذوالفقار جو چوڻ هو ته ان ڊرامي ۾ ٻين به گھڻن پهلوئن سان مسئلا پيش ايندا. ان ڊرامي جون هدايتون روبينا اشرف ڏئي رهي آهي ۽ ميڪال موجب روبينا سان گڏ ڪم ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته روبينا اشرف انڊسٽري جي ليجنڊ آهي، منهنجو مڃڻ آهي ته اهي اداڪار جيڪي هدايتڪار بڻجي ويندا آهن، اهي اداڪارن جي سوچ کي گھڻي سٺي طريقي سان سمجهي ويندا آهن، هن ان ڊرامي ۾ گھڻي محنت ڪئي آهي، هن جي نياڻي به منهنجي ڀيڻ جي ڪردار سان ان ڊرامي ۾ ڊيبيو ڪري رهي آهي. ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ عثمان پيرزادو، محمد عديل، سيمي راحيل، اساما طاهر، ارسا غزل ۽ شرمين علي به شامل آهن.

”زرد بهار“ جي ڪهاڻي نائلا انصاري لکي آهي، جڏهن ته ان جي پروڊڪشن سڪس سگما طرفان ڪئي پئي وڃي. ميڪال ذوالفقار موجب همايون سعيد ۽ نديم بيگ به ان ڊرامي جي پروڊڪشن تي ڪم ڪيو آهي. ”زرد بهار“ جي نشريات هلندڙ سال عيد کان پوءِ شروع ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.