سنڌ  ۾ ٽيهه لک شهرين جو هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف

ماريا اسماعيل

سنڌ ۾ 30  لک شهرين جي هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ حڪومت پاران جاري هيپاٽائيٽس پروگرام تحت 11سالن ۾ صرف 3 لک ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪري علاج ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هيپاٽائيٽس جي مختلف قسمن ۾ 6612 مريض علاج لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن، مريضن جو اهو انگ به ڪافي مهينا اڳ ۽ اڍنگي نموني سان مرتب ٿيل آهي، جيڪڏهن هيپاٽائٽس متعلق باقاعده اسڪريننگ ڪرائي وئي ته هيپاٽائيٽس جي موجود مريضن جي انگ ۾ انتهائي اضافي جو امڪان آهي.

ڊبليو ايڇ او پاران سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ايڪشن پلان جوڙيو ويو آهي جيڪو 28جولاءِ تي سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو ويو جنهن ۾ مريضن جي حوالي سان نئين سروي ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته سرڪار جي رپورٽ موجب هيپاٽائيٽس جي رجسٽرڊ مريضن مان سڀ کان وڌيڪ انگ سانگهڙ،گهوٽڪي،خيرپور، ڄامشوري ۽ بينظير آباد ضلعن ۾ موجود آهي. ان حوالي سان پاڪستان هيلٿ ريسرچ ڪائونسل جي سروي مطابق سنڌ ۾ 30 لک ماڻهو هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آهن جن ۾ هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ ڊي جا مريض شامل آهن.

اهڙي اندازي جي باوجود 2008ع ۾ شروع ٿيل هيپاٽائيٽس پروگرام ۾ هن وقت تائين رڳو 3 لک 12هزار مريضن پاڻ کي حڪومت وٽ حڪومت رجسٽرڊ ڪرايو آهي، حڪومت انهن مان 2 لک 80 هزار مريضن کي علاج فراهم ڪري سگهي آهي. هن وقت به 20 هزار مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي. اهڙي طرح هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام جون اختياريون سڄي سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن صرف انهن مريضن جو علاج ٿئي ٿو جيڪي پاڻمرادو ٽيسٽ ڪرائين ٿا ۽ ٽيسٽ دوران انهن ۾ هيپاٽائيٽس ظاهر ٿئي ٿي.

هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام پاران اعلي اختيارين کي پيش ڪيل هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مريضن جو هڪ وڏو انگ ڪراچي ۾ آهي جيڪو 40676 آهي .اهڙي طرح ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ رجسٽرد هيپاٽائيٽس جا مريض سانگهڙ ۾ آهن جن جو انگ 20985 آهي .خيرپور ۾ 17744،گهوٽڪي ۾ 17985،جيڪب آباد ۾ 10488،ڄامشوري ۾ 14519،دادو ۾ 12976۽ ميرپورخاص ۾ 9103 هيپاٽائيٽس جا مريض موجود آهن، جيڪي رجسٽرڊ آهن ،انهن جو علاج به ڪيو پيو وڃي .اهڙي طرح حيدر آباد ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جو انگ 14137آهي .

هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام جي مئينجر ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجي جو چوڻ آهي ته اسان وٽ فنڊن جي تمام گهڻي کوٽ آهي .ان ڪري هن وقت رجسٽرڊ ٿيل 6612 هيپاٽائيٽس جي مريضن کي علاج فراهم نه ڪري سگهيا آهيون. هن اعتراف ڪيو ته علاج نه هجڻ ڪري مريضن جو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو .هن چيو ته فنڊن نه هجڻ ڪري هيپاٽائيٽس جون دوائون خريد نه ٿا ڪري سگهون. ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجي جو چوڻ آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته گندو پاڻي پئيڻ ڪري هيپاٽائيٽس ٿئي ٿي . جڏهن ته هيپاٽائيٽس ٿيڻ جا مختلف سبب آهن، جن ۾ اهم شيونگ جي بليڊ جو ٻيهر استعمال، رت جي منتلقي ۽ ساڳئي انجيڪشن جو وري وري استعمال شامل آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو چيو آهي ته وڌيڪ سبب هيپاٽائيٽس جو مريض کان ورتل رت جو استعمال آهي .

هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام تي گذريل 4 چئن مالي سالن دوران 2- ارب 44 ڪروڙ 45 – لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن .جڏهن ته نئين مالي سال 2019- 20 ع دوران 99 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن .مالي سال 2015.16ع دوران 86 ڪروڙ46 لک رپيا،2016.17 جي دوران 78ڪروڙ70 لک رپيا،مالي سال 2017،18ع جي دوران 62 ڪروڙ 40 لک  روپيا خرچ ڪيا ويا. جڏهن ته ختم ٿيل مالي سال 2018،19ع جي دوران سڀ کان گهٽ 16ڪروڙ 95 لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن .

هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام جي مئينجر جو چوڻ آهي ته سرڪار پاران گهٽ فنڊڏيڻ جي ڪري مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون ۽ رجسٽرڊ مريضن کي به وقت تي دوائون فراهم نٿا ڪري سگهون .

اهاڳالهه درست آهي ته فنڊ گهٽ هجڻ يا دير سان جاري ٿيڻ ڪري هيپاٽائيٽس جي مريضن جو علاج متاثر ٿئي ٿو جيڪو نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.