ٻڏتر جو شڪار سنڌ جي سياست

شاھ محمدلغاري

 سنڌ جي سياست ايتري ته ٻڏتر جو شڪار آهي جو ان جو ڪاٿو ڪرڻ شمار کان ٻاهر آهي اڄ جڏهن پي ٽي آءِ  جي حڪومت اچي چڪي آهي ته افسوس سنڌ ۾ اسان جو سياستدان سڏائيندڙ به ان ڏانهن نهاري رهيو آهي ته من ڪو ڳڀو ٽڪر ملي پوي ، وفاق هميشه وانگر سنڌ ۾ ٻين جي ڪلهن تي بندوق رکي هلائيندو آهي ڪڏهن اياز لطيف جي ڪلهي تي بندوڪ رکي وڃي ٿي ته ڪڏهن جي ڊي اي وارن ته ڪڏهن جلال محمود شاہ توڙي سنڌ ۾ جيڪي پاڻ ۾ اتحادي آهن انهن جي ڪلهن تي بندوڪ رکي هلائي وڃي ٿي سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهائي سنڌ جي آمدني غائب ڪئي وڃي ٿي   

سنڌ ۾ اياز لطيف پليجو هجي يا ذوالفقار مرزا لياقت جتوئي توڙي جي ڊي اي وارا جيڪي سنڌ امڙ کي جيجل چوندي ڪڏهن به ناهن ٿڪبا انهن سياستدانن کي روڊن تي نڪري هڙتالن جي سياست ڪرڻ وارن کي جڏهن حڪومت ڳاڙهن ۽ ساون نوٽن جون دستيون ڏيکاريون وڃن ٿيون ته خاموش ٿي وڃن ٿا.

 پوءِ انهن جي سياست سنڌ تائين محدود ٿي وڃي ٿي وفاق سدائين سنڌ کي نظرانداز ڪيو آهي پر انهن وڪاميل سياستدانن کان لفظ به نٿو نڪري سنڌي ماڻهن کي آخر ڪيستائين بيوقوف ڪيو ويندو توهان جي ٻٽي پاليسي جي ڪري سنڌ کي جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي سنڌين کي نقصان ٿي رهيو آهي ان جو شايد اٻوجھه سنڌين کي اندازو ئي ناهي سنڌين جي ڊرامي باز سياستدانن جي سياست سنڌ کي ٻوڙيو آهي، نواز شريف هجي يا عمران خان جڏهن سنڌ ۾ اچن ٿا ته اسان جا ڊرامي باز سياستدان چاپلوسي ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا اقتدار تي اچڻ بعد انهن ڊرامي باز سنڌ جي سياستدانن کي وفاق گاهه به نٿو وجهي پوءِ ٽرڙي ڪڪڙ جيان سوشل ميڊيا تي ڦڙڪيون هڻندا آهن ته اسان سنڌ سان سڌين سان سچا آهيون مون اياز لطيف توڙي جي ڊي اي يا لياقت جتوئي جلال محمود شاہ کي ڪڏهن به سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم لاءِ روڊن تي ناهي ڏٺو ڪڏهن به بدآمني جي باھ ۾ سڙندڙ عوام جي حقن لاءِ امن لاءِ روڊن تي ناهي ڏٺو باقي سوشل ميڊيا تي انهن کي شور ڪندي ڏٺو آهي ته گهوڙا ڙي زرداري سنڌ کي کائي ويو ڪرپشن ڪري سنڌ کي اڪيلو لٽي ويو اسان کي حصو به نه مليو پي ٽي آءِ  جي حڪومت ايندي ئي ڪراچي مان رڳو سنڌين جا الائي ڪيترا لاش مليا آهن  قبضي جي نالي سان سنڌين کان گهر خالي ڪرائي سنڌين کي بي گهر ڪري اتي پي ٽي آءِ  وارن کي پلاٽ ڏنا وڃن ٿا پر ان تي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنهن به ٻڙڪ ناهي ڪئي باقي سنڌ ۾ ڪنهن به ڌُر جو جائز مسئلو اينگهائڻو هوندو آهي ته ان کي سياست جي ور چاڙهي مظلومن واري ڳالهھ ختم ڪري  پنهنجا نمبر ٺاهڻ ۾ پورا هوندا آهن اسان جا اتحادي دوست ڪيلي جي کل تان ترڪي ڪرن ٿا ته چون ٿا  اها به فلاڻيءَ سياسي اڳواڻ جي سازش آهي.

پاڻ کي غيرت مند سڏائيندڙ اچن ڪراچيءَ ۾ اچي رهن يا هڪ ريلي ڪڍي ڏسن ته سنڌين کي ڇو لڏايو پيو وڃي وزن جي خبر به پئجي ويندي ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾آ باقي ڳوٺن ۾ غيرت ڏيکاري، پنهنجن ماڻهن کي مارائي سياست ڪرڻ آسان آهي سنڌ ۾ ڪيترن سان اتحاد ڪيو آهي انهن ڊرامي بازن ڪڏهن مشرف سان، ته ڪڏهن نوازشريف سان، ڪڏهن وري عمران خان سان عهدن جي لالچ ۾ پنهنجا ضمير کپائي اڄ به سنڌ جي سياست صرف حوس، اقتدار، پيسي ۽ طاقت خاطر کپي وڃي جن ۾ انهن سياستدانن جا غليظـ مقصد رکيل آھن انھن کي معصوم سنڌين جي زندگين جي تبديلين سان ڪو سروڪار ناھي ھي ڊرامي باز پنهنجي ته عزت جو ڪچرو ڪن ٿا پر سنڌ ۾ ايندڙ نئين نسلن کي پنڻ جهڙي شرمناڪ عادت کان به متعارف ڪرائن ٿا انهن چند مفاد پرست سنڌ جي سياستدانن گڀي جي ٽڪرن عيوض پاڻ کي گروي ڪري سنڌين کي غيرتمند قوم سڏائڻ جو حق به کسي ڇڏيو آهي چوندا آهن ته "سچ وه جو سر ڇڙهه ڪر بولي” پيپلزپارٽي کي سنڌ مان ختم ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪيون ويون پر پ پ ته ختم نه ٿي باقي ها مسلم ليگ ف ختم ٿي جي ڊي اي ٿي وئي ممتاز ڀٽو پنهنجي پارٽي ختم ڪري پي ٽي آئي ۾ ويو گهڻن پنهنجون پارٽيون ختم ڪيون پر پ پ کي نقصان نه ڏئي سگهيا ان مان ظاهر ٿي ويو ته جن جن سياستدانن ڊڪٽيٽرن جي هنج ۾ ويهي سياست ڪئي انهن جي سنڌ ۾ سياست ختم ٿي وئي هن دفعي جيڪڏهن پ پ پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پ پ جو به وارو ايندو ظاهر آهي عروج مٿان زوال به آهي ان ڪري خدارا هاڻي ته ان مفاهمت جي فڪري جمود مان نڪري اچو ڏسو ته ڪيترا ماڻهو اوهان جي پٺيان ٿا لڳن پر ڇا اسان ۾ ڪو اهڙو مرد مجاهد آهي جيڪو سنڌي ماڻهن کي هنن لوٽن ، لٽيرن استحصالي قوتن کان آزاد ڪرائي ، ۽ ان لاءِ عملي جدوجهد ڪندي سنڌ جو نعرو هڻي نڪري پوي. 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.