حڪومت ناڪامي جو بار عوام تي وجهي رهي آهي: بلاول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمراڻين حڪومتن جو مقابلو ڪيو، گڏڙي حڪومت اسان لاءِ ڪابه شيءَ ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پاڪستان ۾ اڄ به سياسي مخالفن کي ڪوڙن الزامن هيٺ گرفتار ڪرايو ويندو آهي، سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته اسان آمراڻين حڪومتن جو مقابلو ڪيو، هي گڏا اسان لاءِ ڪجهه نه آهن، اسان ضياءَ، ايوب ۽ مشرف جو مقابلو ڪيو  آهي جڏهن ته حڪومت ۾ سياست جي اهليت ناهي.  سندس چوڻ هو ته اسان ارڙهين ترميم تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين،  عدالتن کي منهن ڏيڻ پ پ لاءِ ڪا به نئين ڳالهه ناهي، پاڪستان ۾ نظرئي جو مقابلو نه ڪيو ويندو آهي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ۽ ٻيون مخالف ڌر پارٽيون الڳ الڳ احتجاج ڪري رهيون آهن، شهيد بي بي ۽ صدر زرداري جي دور ۾ به هڪ به سياسي قيدي نه هو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪنهن جي به عزت نه ٿي ڪري. هن چيو ته حڪومت جي ناڪامي جو بار عوام کڻي رهيو آهي، اسان کين عوام سامهون وائکو ڪري رهيا آهيون، سموري ملڪ جو عوام سليڪٽڊ حڪومت کي نه ٿو مڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان دعا ڪري ته پ پ جي حڪومت اچي ڇو ته اسان انتقام نه وٺندا آهيون جيڪڏهن مسلم ليگ ن يا فضل الرحمان جي حڪومت آئي ته پوءِ توبهه توبهه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.