حفيظ شيخ کي جيل ۾ وجهو، خبر پئجي ويندي ته ڪٿي آهن ڪروڙين رپيه: آصف زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت حفيظ شيخ کي به جيل ۾ وجهي ۽ پڇاڻو ڪري ته هزارين ڪروڙ رپيه ڪاڏي ويا؟  اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس بابت اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ان سلسلي ۾ نيب اختيارين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي سخت سڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو. نيب جي اختيارين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.  نيب جي درخواست تي آصف علي زرداري  عدالت جي جج محمد بشير کي چيو ته رمانڊ ۾ عيد کانپوءِ تائين جي واڌ ڪيو. جج چيو ته عيد کانپوءِ تائين نه ٿو ٿي سگهي، هڪ وقت ۾ وڌ کان وڌ رمانڊ ٻن هفتن جو ٿي سگهي ٿو.  عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي جڏهن ته جوابدارن کي 8 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  ٻئي طرف عدالت ۾ پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هزارين ڪروڙ رپيه ڪاڏي ويا، پوءِ عبدالحفيظ شيخ کي به گرفتار ڪيو اسان سان گڏ، عبدالحفيظ شيخ کي وجهو جيل ۾ ۽ پڇو ته هزارين ڪروڙ ڪٿي آهن.  ملين مارچ بابت سوال ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملين مارچ ۾ عدالت کان شرڪت ڪنداسين ڳڻتي نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.