سرفراز احمد کان ڪپتاني واپس وٺڻ جو فيصلو…!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي ٽيسٽ ڪپتاني خطري ۾ پئجي وئي آهي ۽ پي سي بي جي ٿنڪ ٽينڪ نئين ڪپتان جو فيصلو  به ڪري ورتو آهي.

ورلڊ ڪپ 2019 کان 7 جولاءِ تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سرفراز احمد واضح ڪيو هو ته هو ڪپتاني کان ڌار نه ٿيندو، کيس پي سي بي ڪپتان بڻايو ۽ هاڻ بورڊ ئي مستقبل بابت فيصلو ڪندو.

سرفراز احمد جي اڳواڻي ۾ قومي ٽيم 13 ميچون کيڏيون، جن مان 4 ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ 8 ۾ شڪست جو منهن ڏٺو، هاڻ اطلاع آهن ته آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ کان اڳ بورڊ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين، جيڪو ٽنهي فارميٽن ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان آهي، کان ٽيسٽ جي ڪپتاني واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

2 آگسٽ تي لاهور ۾ ڪرڪيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ انهن معاملن کي اڳتي وڌائڻ جا اطلاع آهن پر سرفراز احمد کان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني واپس نه ورتي ويندي.

ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سرفراز احمد جي متبادل طور نائب ڪپتان اسد شفيق کي ڪپتان بڻائڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، جڏهن ته اوپنر شان مسعود، جيڪو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ هن وقت نيشنل بئنڪ جي اڳواڻي جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي، کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جا چٽا امڪان آهن.

29 ورهين جو شان مسعود پاڪستان لاءِ 15 ٽيسٽ ميچن جي 30 اننگز ۾ 26.43 جي ايوريج سان 793 رنسون ٺاهي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.