رپورٽ:ميرو خان: ڀٽي پاڙي جا رهواسي گندگيءَ سبب اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور

رپورٽ:ميرو خان: ڀٽي پاڙي جا رهواسي گندگيءَ سبب اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور
رپورٽ:ميرو خان: ڀٽي پاڙي جا رهواسي گندگيءَ سبب اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور

ميرو خان ويجهو ڀٽي پاڙي جا رهواسي ٽائون انتظاميا جي بي ڌياني ۽ ڪن لاٽار سبب اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

گند ڪچري سبب محلي ۾ مختلف قسم جي بيمارين پکڙجڻ جو پڻ امڪان آهي، جنهنڪري رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آهن.

ان موقعي تي  اڳواڻن  عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي  چيو ته ڏيڍ ڪروڙ جي بجيٽ هوندي هن شهر ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿي سگهيو.

هنن چيو ته  ٽائون آفيس اندر 450 کان وڌيڪ وائيٽ ڪالر ملازم ڀرتي هجڻ سبب شهر جي صفائي ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي، سفيد پوش  ٽائون جا ملازم گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن.

اڳواڻن چيو ته  ڀٽي محلي ۾ تقريبن ھڪ ھزار کان وڌيڪ گهر آهن جن جي رھواسين کي گذريل سال ٿيل عام چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.

هنن ڊي سي  قمبر ائٽ  شھدادڪوٽ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن پاڙي کي صاف سٿرو ڪرائي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…………………

رپورٽ-صفدر حسين تنيو

******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.